ڪراچي-17 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪارساز سانحي جي 17هين ورسيءَ جي حوالي سان شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته اڄ جي ڏينهن اسان نئين سر عزم ڪريون ٿا ته جمهوريت جي حفاظت ڪنداسين، انتهاپسندي خلاف ڄمي بيهنداسين ۽ اهو يقيني بڻائينداسين ته ڪابه طاقت اسان جي پياري ملڪ جي ترقيءَ کي پٽڙيءَ تان نٿي لاهي سگهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس مان جاري ڪيل بيان موجب ان ڏکوئيندڙ ڏينهن کي ياد ڪندي جڏهن 180 بهادر جيالن شهادت ماڻي، هن گهري ڏُک جو اظهار ڪندي عوام جي خدمت ۾ جمهوريت، انصاف ۽ قرباني جي اصولن تي پ پ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪارساز سانحو هڪ سوچيل سمجهيل سازش هئي جنهن ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ـ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن کي ان وقت نشانو بڻايو، جڏهن لکين ماڻهو سندن استقبال لاءِ موجود هئا. هن وڌيڪ چيو ته ڪارساز سانحو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اسان جي بهادر جيالن جمهوريت جي عظيم مقصد لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. سندن قربانيون ان ڊگهي ۽ پُرامن جمهوري پاڪستان جي سفر جو اڻٽٽ حصو آهن، هڪ اهڙو سفر جنهن جي قيادت شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪئي هئي. هن چيو ته اسان جو عزم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن سان مضبوط آهي. اسان هر پاڪستاني جي حقن جي تحفظ لاءِ ثابت قدم رهنداسين ۽ جمهوريت جي حفاظت ڪنداسين. هن قوم کي اپيل ڪئي ته هو ڪارساز سانحي جي شهيدن جي قربانين کي ياد رکن ۽ ان جي مشن کي اڳيان وڌائين. بلاول ڀٽو زرداري شهيدن جي خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي کين خاطري ڪرائي ته پ پ هميشه سندن پيارن جي ياد کي عزت ۽ احترام سان زندهه ۽ انهن جي مشن کي اڳيان وڌائيندي.