لاڙڪاڻو-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين نثار احمد کھڙو جي گھر ٻاھران ڪريڪر ڌماڪو ٿيو آهي، جڏهن ته ڪريڪر ڌماڪي ۾ شروعاتي رپورٽن موجب ڪو به جاني ۽ مالي نقصان نه ٿيو آهي. واقعي بعد ايس ايس پي لاڙڪاڻو نظر محلا ۾ قائم کھڙو ھائوس پھچي واردات واري هنڌ جو جائزو ورتو.ان موقعي تي پيپلزپارٽي جا اڳواڻ، ورڪر ۽ شھر جا معزز ماڻھو به کھڙو ھائوس پهچي ويا.