حيدرآباد-10آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته 18 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ پيپلز پارٽي جي شهيدن جي ياد ۾ ٿيندڙ جلسو تاريخي هوندو ۽ تاريخ جي وڏن جلسن مان هڪ هوندو ، 18 آڪٽوبر 2007 واري سانحي کي به اوتري اهميت ڏيون ٿا جيتري محترمه بينظير ڀٽو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وڇوڙي کي ڏيون ٿا. اهڙو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي مولا بخش چانڊيو ، عاجز ڌامراه ، صغير قريشي، ميئر ڪاشف شورو، جبار خان ، علي محمد سهتو، علي نواز شاهه رضوي، آفتاب خانزاده، پاشا قاضي ۽ ٻيا پي پي اڳواڻ پڻ موجود هئا. نثار کهڙو چيو ته هن ملڪ جي مسئلن جو واحد حل جمهوريت ۾ آهي ان لاءِ ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائينداسين اسان جي قيادت بهادر رهي آهي جنهن ڪڏهن به پنهنجي جان جي پرواه نه ڪئي آهي. 18 آڪٽوبر 2007 ۾ ڪار ساز وٽ حملو ڪري اسان جي 180 ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو هو پر محترمه بينظير ڀٽو صبح ٿيندي ئي اسپتالن ۾ پهچي زخمي ڪارڪنن جي عيادت ڪئي هئي ان ڪري اسان جو به فرض آهي ته اهڙن واقعن کي نه وساريون. هن چيو ته هر سال 18 آڪٽوبر تي شهيدن جي ياد ۾ پيپلز پارٽيءَ پاران ملڪ جي ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ جلسو منعقد ڪيو ويندو آهي. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ ٻيون ڀيرو جلسو منعقد ڪرڻ وڃي رهيا آهيون هن چيو ته انصاف جي آساني سان حاصلات لاءِ عدالتي نظام ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي.