ڪراچي – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان عظيم دوست آهن، ٻنهي ملڪن جي هماليه کان اونچي، سمنڊ کان گهري ۽ ماکيءَ کان مٺي دوستي ۽ ڀائيچاري جي لاڳاپن کي هاڻي سيڙپڪاري، معاشي ۽ واپاري لاڳاپن خاص طور تي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي ۽ بنيادي ڍانچي جي شعبن ۾ تعاون جي صورت ۾ تبديل ڪري رهيا آهيون، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جو اڳيون مرحلو بنيادي طور خاص طور تي صنعتي شعبي ۾ بزنس ٽو بزنس انتظامن تي ٻڌل هوندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار چين سميت پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪندڙ عالمي ڪمپنين جي نمائندن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ۽ وڏو وزير، وفاقي وزير، ناليواريون ڪاروباري شخصيتون ۽ اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته جڏهن مون کي ٻڌايو ويو ته ان نمائش ۾ 150 ڪاروباري شخصيتن تي ٻڌل چيني وفد پڻ شرڪت ڪري رهيو آهي ته مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ مون انهن کي مانجهاندي تي دعوت ڏني. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين آئرن برادرز آهن، ٻئي ملڪ دوستي ۽ ڀائيچاري جي پراڻي لاڳاپن کي هاڻي سيڙپڪاري، معاشي ۽ واپاري لاڳاپن خاص طور تي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي ۽ بنيادي ڍانچي جي شعبن ۾ تعاون جي صورت ۾ تبديل ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته جون جي مهيني ۾ هن عظيم دوست ملڪ چين جي شانڪسي صوبي جو دورو ڪيو هو، اسان کي هڪ اهم زرعي يونيورسٽي ۽ سوين ايڪڙ تي ٻڌل تحقيقي مرڪز جو دورو ڪرايو ويو، ان مرڪز جي دوري کانپوءِ اسان پنهنجي هڪ هزار زرعي گريجوئيٽ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اعليٰ تربيت جي لاءِ چين موڪلڻ جو فيصلو ڪيو. ان حوالي سان پروگرام کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي، چيني هم منصبن سان مشاورت کانپوءِ پاڪستان جا اهي شاگرد ۽ شاگردياڻيون چيني يونيورسٽي ۾ ريفريشر ڪورسز ڪندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان زرعي معيشت رکندڙ ملڪ آهي، ملڪ جي 60 سيڪڙو آبادي ڳوٺاڻي علائقن ۾ رهي ٿي، پاڪستان کي پنهنجي زرعي پيداوار ۾ اضافي جي ضرورت آهي، گذريل سال پاڪستان جي زرعي روانگي واپار ۾ 3 ارب ڊالر جو اضافو ٿيو آهي، جاري مالي سال جي لاءِ پاڪستان ان کي 7 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي، اهو هڪ وڏو هدف آهي ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن جي ضرورت آهي، پاڪستان کي زرعي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ جديد طريقن کي اختيار ڪرڻ ۽ ان کانپوءِ روانگي واپار جي لاءِ ويليو ايڊيڊ مصنوعات جي ضرورت آهي، ان شعبي ۾ هدف حاصل ڪرڻ ۾ چين پاڪستان جو اهم حصيدار ملڪ بڻجي سگهي ٿو. هن چيو ته چيني وفد جي موجودگي اسان جي لاءِ حوصلي جوڳي آهي. هن چيني واپارين کي پاڪستاني واپارين سان بزنس ٽو بزنس معاهدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جو اڳيون مرحلو بنيادي طور تي صنعتي شعبي ۾ بزنس ٽو بزنس انتظامن تي ٻڌل هوندو، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري ۽ زرعي پيداوار جي شعبن ۾ گڏيل منصوبا شروع ٿيندا ۽ انهن منصوبن سان پيداوار انهن ملڪن کي برآمد ڪئي ويندي جتي ٽيڪس وڌيڪ آهي، پاڪستان ۽ چين ان حوالي سان گڏيل طريقيڪار اختيار ڪندا ۽ اهو ٻنهي ملڪن جي لاءِ هڪ جهڙي طور تي فائديمند هوندو. وزيراعظم چيو ته چين ۽ پاڪستان عظيم دوست آهن، اسان جي دوستي نه رڳو هماليه کان بلند آهي پر هاڻي اها آسمانن کي ڇُهي رهي آهي. پاڪستان چين جي تعاون سان پنهنجو سيارو خلا ۾ موڪليو آهي، اسان جي دوستي سمنڊ کان گهري ۽ ماکيءَ کان مٺي آهي. هاڻي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي سي پيڪ جي فيز ٽو ۾ وڌيڪ واپاري ۽ معاشي لاڳاپن جي صورت ۾ تبديل ڪيو ويندو.