اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته اسان انتهاپسندي، تشدد ۽ خوف ۽ هراس ڦهلائڻ کي برداشت نه ڪنداسين، اهڙا هٿ ٺوڪيا نظريا جيڪي اسان کي ورڇ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، بيدرديءَ سان قتل عام جنهن جو مقصد اسان کي ڊيڄارن ڌمڪائڻ آهي ۽ فتنه الخوارج جا غيرانساني حربا جيڪي اسان جي جذبي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪن ٿا انهن جي مذمت ڪريُون ٿا، اچو هڪ اهڙي پاڪستان جي لاءِ جدوجهد ڪريون جتي هر ڪو امن ۽ خوشحالي سان ترقي ڪري سگهي. ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ٿيل مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ناليوارين علماءِ و مشائخ جي قومي علماءِ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته اسان پنهنجي سرزمين تان دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پرعزم ۽ متحد آهيون، اسان انتهاپسندي، تشدد ۽ خوف ۽ هراس ڦهلائڻ کي برداشت نه ڪنداسين، آرمي چيف چيو ته اهڙا هٿ ٺوڪيا نظريا جيڪي اسان کي ورڇ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، بيدرديءَ سان قتل عام جنهن جو مقصد اسان کي ڊيڄارن ڌمڪائڻ آهي ۽ فتنه الخوارج جا غيرانساني حربا جيڪي اسان جي جذبي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪن ٿا انهن جي مذمت ڪريُون ٿا. آرمي چيف زور ڏيندي چيو ته اچو اسان هڪ اهڙي پاڪستان جي لاءِ جدوجهد ڪريون جتي هر ڪو امن ۽ خوشحالي سان ترقي ڪري سگهي، اسان هڪ قوم، هڪ عوام آهيون ۽ گڏجي اسان عظمت حاصل ڪري سگهون ٿا. هن امن، ڀائيچاري ۽ شموليت کي فروغ ڏيڻ، انتهاپسند بيانيي جو مقابلو ڪرڻ ۽ معاشري ۾ نفرت ۽ تشدد جي خاتمي جي لاءِ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ عالمن جي اهم ڪردار جو اعتراف ڪيو.