لاڙڪاڻو – 21 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي 71 هين سالگرهه جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي ويو، هن ڀٽو خاندان جي قبرستان تي حاضري ڀري ۽ شهيد بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻين جي مزارن تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري قرآن پاڪ جي تلاوت ڪئي ۽ ڪجهه دير مزارن جي اندر موجود رهيو. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر سان گڏ هئي. صدر جي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو اچڻ جي موقعي تي پيپلزپارٽي اڳواڻ جميل احمد سومرو، ايم پي اي سهيل انور سيال، غلام مصطفيٰ لغاري ۽ ٻين آجيان ڪئي.