اسلام آباد– 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر شزرا منصب پڻ موجود هئي. ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.