اسلام آباد– 21 – جون (اي پي پي) چين جي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي عالمي شعبي (آءِ ڊي سي پي سي) جي مرڪزي ڪميٽي جي وزير ليو جيان چائو چيو آهي ته آئرن برادر ۽ آزمايل دوست هجڻ جي ناطي چين پاڪستان کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ هڪ خاص مقام ڏنو آهي ۽ هو سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار سينيئر چيني اڳواڻ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان ملاقات ۾ ڪيو. ليو جيان چائو چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي تي ڪم جي مستحڪم رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته چين سي پيڪ جي سمورن جاري ۽ نئين منصوبن تي وقت سر عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان سان مڪمل تعاون ڪندو. هن پاڪستان جي سياسي پارٽين جي سي پيڪ ۽ پاڪ چين دوستي جي مستقل حمايت تي پڻ ساراهيو. هن ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا ۽ پاڪستان جي سياسي پارٽين جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي ۾ سي پيڪ جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چين جي صدر جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي فليگ شپ پراجيڪٽ جي طور تي سي پيڪ انرجي سيڪيورٽي ۾ نمايان تبديلي آئي آهي. ٻنهي ملڪن ۾ سي پيڪ تي متفقه سياسي اتفاق راءِ کي ساراهيندي اسحاق ڊار سي پيڪ جي ڪاميابين ۽ ان جي ٻئي مرحلي ۾ اعليٰ معيار جي ترقي جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين اعليٰ سطحي لاڳاپن جي رفتار کي برقرار رکڻ ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي رابطي کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.