اسلام آباد– 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه صوبي سان لاڳاپيل معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام جي ڀلائي جي لاءِ وفاقي حڪومت هر ممڪن مدد ۽ وسيلا فراهم ڪندي.