اسلام آباد– 20 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عيدالاضحيٰ جي موقعي تي جمهوريه آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ عيد مبارڪ جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ گڏيل رابطن جهڙن شعبن جي اهميت ۽ صلاحيت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن فائديمند تعاون کي وڌائڻ ۽ اعليٰ سطحي مصروفيتن ۽ مڪالمي کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو.