اسلام آباد– 20 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار عيدالاضحيٰ جي موقعي تي جمهوريه ترڪيه جي پرڏيهي وزير باڪان فدان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ عيد جي مبارڪباد جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط اسٽريٽجڪ حصيداري تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گهڻ رخي شعبن ۾ گڏيل تعاون ۽ رابطن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.