اسلام آباد– 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت مهانگي بجلي پيدا ڪندڙ ذريعن جي حوصلا شڪني ڪندي ۽ متبادل توانائي خاص طور تي شمسي توانائي جي شعبي جي واڌويجهه جي خواهشمند آهي، گردشي قرضن، لائين لاسز ۽ بجلي چوري هن وقت پاڪستان جي توانائي جي شعبي جا وڏا مسئلا آهن، بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نجڪاري ۽ آئوٽ سورسنگ حڪومتي ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم سان جارجيا جي اڳوڻي وزيراعظم نيڪا گلائوري جي سربراهي ۾ توانائي جي شعبي جي غيرملڪي ماهرن جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ پاور سيڪٽر سڌارن جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته گردشي قرضن، لائين لاسز ۽ بجلي چوري هن وقت پاڪستان جي توانائي جي شعبي جا وڏا مسئلا آهن، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا ملڪ جي معاشي ترقي جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، حڪومت اهڙين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن سان گردشي قرضن ۾ گهٽتائي ٿئي ۽ بجلي جي بلن جي وصولي جو طريقيڪار بهتر ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نجڪاري ۽ آئوٽ سورسنگ حڪومتي ترجيح آهي، پاور سيڪٽر جي نجڪاري ۽ آئوٽ سورسنگ جي حوالي سان جارجيا جي ڪامياب تجربي مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا، حڪومت مهانگي بجلي پيدا ڪندڙ ذريعن جي حوصلا شڪني ڪندي ۽ متبادل توانائي خاص طور تي شمسي توانائي جي شعبي جي واڌويجهه جي خواهشمند آهي. وزيراعظم چيو ته توانائي جي شعبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي فروغ ڏنو ويندو، بجلي جي في يونٽ اگهه ۾ گهٽتائي جي حوالي سان سڌارا آندا پيا وڃن. وزيراعظم وفاقي وزيرن کي وفد سان ملڪ ۾ توانائي جي سيڪٽر جي بنيادي سڌارن جي حوالي سان مشاورت ڪرڻ ۽ انهن سڌارن جي حوالي سان فوري طور تي حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.