اسلام آباد– 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مڪه مڪرمه ۾ حاجين جي شهادتن تي افسوس جو اظهار ڪندي مذهبي معاملن واري وزارت ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن کي شهيد حاجين جا لاش پاڪستان پهچائڻ جا انتظام ڪرڻ، حاجين کي سموريون سهولتون مهيا ڪرڻ ۽ اسپتالن ۾ داخل حاجين جي لاءِ سمورين طبي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا سيل پاران بيان موجب وزيراعظم مڪه مڪرمه جي موجوده صورتحال جي حوالي سان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير احمد فاروق سان رابطو ڪيو. هن هدايت ڪئي ته شهيد حاجين جا لاش پاڪستان پهچائڻ جا انتظام ڪيا وڃن. وزيراعظم مذهبي معاملن واري وزارت ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن کي حاجين کي سموريون سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي ته اسپتالن ۾ داخل حاجين جي لاءِ سمورين طبي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.