اسلام آباد– 19 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري لنڊي ڪوتل پريس ڪلب جي صدر ۽ خيبر ٽي وي جي صحافي خليل جبران جي قتل جي شديد مذمت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري خليل جبران جي قتل تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته خليل جبران جي قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻي پوندي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ صحافين جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. صدر آصف علي زرداري خليل جبران جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.