اسلام آباد– 19 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ لاڳاپن کي هڪ پائيدار ۽ گڏيل طور تي فائديمند اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي جنهن جو محور واپار ۽ سيڙپڪاري هوندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان کي عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي عوام جي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي پاڪستان جي لاءِ مسلسل حمايت جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ گڏيل عرب امارات جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪيو. مئي 2024ع ۾ گڏيل عرب امارات جي پنهنجي انتهائي نتيجاخيز دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي هڪ پائيدار ۽ گڏيل طور تي فائديمند اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو، جنهن جو محور واپار ۽ سيڙپڪاري هوندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏيندي وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني جنهن کي شيخ محمد بن زيد النهيان قبول ڪندي جلد پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن ۽ ويجهي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي پنهنجي گڏيل خواهش کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.