اسلام آباد– 19 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عيدالاضحيٰ جي ٽنهي ڏينهن ۾ بهترين صفائي ۽ عوامي خدمت تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف ۽ سندس ٽيم کي شاباس ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ ”ويل ڊن پنجاب“، ”ويل ڊن مريم نواز“ چوندي وزيراعليٰ ۽ صفائي مهم جي سموري ٽيم جي خدمتن کي ساراهيو. شهباز شريف چيو ته ڊرون جي استعمال سان لاهور واهه ۾ گندگي اڇلائڻ ۾ 80 سيڪڙو گهٽتائي ساراهه جوڳي آهي، شديد ترين گرمي ۾ عملي جنهن محنت سان ڪم ڪيو اهو ساراهه جوڳو آهي، توهان کي سلام پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم شاعراڻو تبصرو ڪندي چيو ته ”عرق ريزي سان عرق گلاب جي استعمال جي روايت جاري رهڻ گهرجي.“ اميد آهي عوامي خدمت جو اهو معيار نه رڳو برقرار رهندو پر ان ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.