اسلام آباد– 19 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لنڊي ڪوتل پريس ڪلب جي صدر خليل جبران جي قتل جي شديد مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم مقتول صحافي جي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير ۽ لاڳاپيل عملدارن کي قاتلن جي فوري طور تي گرفتاري ۽ قانون موجب سخت سزا يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته صحافين جي آزادي ۽ جان جي حق کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻنداسين.