اسلام آباد– 18 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي نيلم ۾ جاگران – ون هائيڊرو پاور پلانٽ جو اوچتو دورو ڪيو ۽ منصوبي تي جاري ترقياتي ڪم تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري پڌرائي موجب نائب وزيراعظم 30.4 ميگاواٽ جي هائيڊرو پاور منصوبي جاگران – ون جي ڪم تي اطمينان جو اظهار ڪيو جنهن جو تصور، منظوري ۽ فنانسنگ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي 1997 – 1999ع جي دور ۾ ڏني وئي هئي جڏهن سينيٽر اسحاق ڊار پاڪستان جو ناڻي وارو وزير هو. نائب وزيراعظم جاگران ون ۾ ڪم ڪندڙ انجنيئرز، فني ماهرن ۽ ڪارڪنن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ان منصوبي جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي مڪمل تعاون جو اظهار ڪيو، جيڪو پاڪستان جي توانائي جي سلامتي ۾ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.