اسلام آباد– 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آسان ڪاروبار ايڪٽ جي حوالي سان قانونسازي شروع ڪرڻ جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست ماحول جي ترويج حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ون ونڊو آپريشنز تحت ڪاروباري ۽ واپاري برادري جي لاءِ دستاويزي مرحلا آسان ڪيا وڃن، چين جي شهر شينزن جي ون اسٽاپ شاپ جي طرز تي تجرباتي (پائليٽ) سهولت مرڪز قائم ڪرڻ جي حوالي سان چيني ماهرن کان مدد حاصل ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ آساني جي حوالي سان قدمن تي اهم جائزه اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم آسان ڪاروبار ايڪٽ جي حوالي سان قانونسازي شروع ڪرڻ جي منظوري ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست ماحول جي ترويج حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن هدايت ڪئي ته ون ونڊو آپريشنز تحت ڪاروباري ۽ واپاري برادري جي لاءِ دستاويزي مرحلا آسان ڪيا وڃن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته چين جي شهر شينزن جي ون اسٽاپ شاپ جي طرز تي هڪ تجرباتي (پائليٽ) سهولت مرڪز قائم ڪرڻ جي حوالي سان چيني ماهرن کان معاونت حاصل ڪئي وڃي. اجلاس کي آسان ڪاروبار ۽ ٻين قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪاروبار جي رجسٽريشن، لائيسنسز سرٽيفڪيٽس ۽ ٻين دستاويزن جي لاءِ اليڪٽرانڪ رجسٽري جو قيام عمل ۾ آندو ويندو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آن لائين ون ونڊو پاڪستان بزنس پورٽل جو نظام متعارف ڪرايو ويندو جنهن جي ذريعي سمورن لاڳاپيل ادارن جون خدمتون حاصل ڪري سگهبيون. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته اسلام آباد بزنس فيسلي ٽيشن مرڪز قائم ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.