اسلام آباد– 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي ويو ۽ سندس خيريت معلوم ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مولانا فضل الرحمان وزيراعظم جي اچڻ جي آجيان ڪئي. وزيراعطم چيو ته مولانا فضل الرحمان سدائين جمهوري قدرن جي حفاظت جي لاءِ پرامن جدوجهد کي فروغ ڏنو. وزيراعظم مولانا فضل الرحمان جي ديني خدمتن کي پڻ ساراهيو. بيان موجب وزيراعظم سياسي مسئلن جي گڏيل تعاون سان حل جي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز پيش ڪئي.