اسلام آباد– 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي حڪومتي خرچ گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان قائم ڪميٽي شروعاتي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته هڪ سال کان خالي سموريون جايون ختم ڪري قومي پئسو بچايو وڃي، نئين ڀرتي ٿيندڙ سرڪاري ملازمن جي ڪنٽريبيوٽري پينشن جو نظام آندو وڃي، انهن شروعاتي تجويزن جي حوالي سان وزيراعظم اعليٰ اختياراتي ڪميٽي جوڙي ڇڏي جيڪا 10 هفتن جي اندر جامع رپورٽ پيش ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ حڪومتي خرچن ۽ حڪومتي ڍانچي جو ماپو گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو. حڪومتي خرچ گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان جوڙيل ڪميٽي وزيراعظم کي شروعاتي رپورٽ پيش ڪئي. ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جي سربراهي ۾ قائم ڪميٽي ۾ ڪابينا، ناڻي، اسٽيبلشمينٽ، پاور ڊويزن جي سيڪريٽريز کانسواءِ ڊاڪٽر قيصر بنگالي، ڊاڪٽر فرخ سليم ۽ محمد نويد افتخار شامل هئا. شروعاتي رپورٽ ۾ گهٽ مدي ۽ وچولي مدي واريون سفارشون پيش ڪيون ويون. ڪميٽي ڪجهه سرڪاري ادارن کي بند ڪرڻ، ڪيترن ئي ادارن کي ضم ڪرڻ ۽ ڪجهه ادارن کي صوبن جي حوالي ڪرڻ جي سفارش ڪئي. ڪميٽي اها به سفارش ڪئي ته اهڙيون سموريون جايون جيڪي هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان خالي آهن ختم ڪري قومي پئسو بچايو وڃي، نئين ڀرتي ٿيندڙ سرڪاري ملازمن جي ڪنٽريبيوٽري پينشن جو نظام آندو وڃي. سرڪاري ادارن ۾ سروسز جي فراهمي جي لاءِ نجي شعبي جون خدمتون ورتيون وڃن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حڪومتي خرچ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ سرڪاري اهلڪارن جي غيرضروري سفر تي پابندي هنئي وڃي ۽ ٽيلي ڪانفرنسنگ کي فروغ ڏنو وڃي، اهڙن سرڪاري آفيسرن جيڪي مونوٽائيزنگ جي سهولت وٺي رهيا آهن انهن کان سرڪاري گاڏيون فوري واپس ورتيون وڃن. انهن شروعاتي تجويزن جي حوالي سان وزيراعظم اعليٰ اختياراتي ڪميٽي جوڙي ڇڏي جيڪا 10 هفتن جي اندر جامع رپورٽ پيش ڪندي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ڪميٽي عالمي سطح جي بهترين تجربن مان فائدو حاصل ڪري ٺوس تجويزون ڏي، اميد آهي ته اعليٰ اختياراتي ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ قوم جي اربين رپين جي بچت ٿي سگهندي. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.