لاهور – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي چين جي دوري کي پاڪ چين دوستي ۽ تعاون جي لاءِ سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ زراعت، بنيادي ڍانچي جي ترقي، پيشيواراڻي تربيت، گوادر پورٽ جي توسيع، صنعت، معدنيات ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ نئين حصيداري قائم ٿيندي، سي پيڪ هڪ نئين دور ۾ داخل ٿيندو، دوري دوران سي پيڪ فيز ٽو، بزنس ٽو بزنس رابطن، حڪومت سان حڪومت جي سطح تي وڏن منصوبن تي غور ڪيو ويندو، منهنجو دورو ٻنهي ملڪن جي دوستي جي هڪ ٻيو وڏو رخ مقرر ڪندو. چين جي پنجن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿيڻ کان اڳ هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته کيس تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ته هو پراڻي دوست چين جي دوري تي وڃي رهيو آهي، چين ۽ پاڪستان دوستي جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، پهرين ڏينهن کان اسان هڪ ٻئي تي ڀرپور اعتماد ڪريون ٿا، چين پاڪستان جو هڪ اهڙو دوست آهي جنهن جو دنيا ۾ ڪو ٻيو مثال نٿو ملي، پاڪستان ۽ چين علائقائي ۽ عالمي معاملن تي گڏيل مشاورت سان هڪ جهڙو موقف رکن ٿا، نار ڀائر ملڪ به اسان جا بي پناهه بااعتماد دوست آهن، پاڪستان سان چين جو تعلق هڪ پاڙيسري جو تعلق آهي ۽ اهو تعلق گذريل 75 سالن تي ٻڌل آهي چين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو غيرمشروط ساٿ ڏنو آهي، زلزلن، جنگين ۽ مشڪلاتن ۾ چين پاڪستان هڪ ڀاءُ وانگر ساٿ ڏنو آهي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گذريل دور ۾ چين سان پاڪستان جي دوستي ۽ تعلق هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿيو ۽ سي پيڪ جي ذريعي پاڪستان ۾ محمد نواز شريف بطور وزيراعظم پاڪستان ۾ اٽڪل 45 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو انتظام ڪيو ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ بي پناهه خوشحالي آئي ۽ سڀ کان وڏو ۽ سنگين مسئلو ته بجلي جي نه هجڻ جي ڪري ملڪ ۾ اونداهي ڇانيل هئي، اسان جون صنعتون دم ٽوڙي چڪيون هيون ۽ اسان جون سرسبز ٻنيون ويران ٿي چڪيون هيون پر چين جي بهترين تعاون جي ڪري پاڪستان ۾ نواز شريف جي دور ۾ نه رڳو بجلي جي اونداهي ختم ٿي پر ترقي ۽ خوشحالي جو دور تيزي سان اڳتي وڌيو جنهن سان پاڪستان جي مخالفن کي تڪليف به ٿي ان جي باوجود اها دوستي لاڳيتو اڳتي وڌي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته چين جو اسان جو دورو پاڪ چين دوستي جو هڪ ٻيو وڏو رخ متعين ڪندو ۽ ان ۾ سي پيڪ نئين دور ۾ داخل ٿيندو جنهن کي سي پيڪ فيز ٽو جو نالو آئون ڏيان ٿو ان دوري دوران بزنس ٽو بزنس رابطن ۽ لاڳاپن ۾ بهتري آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي ۽ اهڙي طريقي سان حڪومت سان حڪومت جي سطح تي وڏن منصوبن تي پڻ ٺوس ڳالهه ٻولهه ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته چين جي صدر شي جن پنگ هڪ دورانديش اڳواڻ آهي سندس سوچ ۽ مستقبل جي حوالي سان سندس منصوبي جي ڪري نه رڳو چين ۾ خوشحالي ۽ ترقي جو انقلاب اچي چڪو آهي پر چين دنيا ۾ ٻي وڏي معاشي ۽ فوجي طاقت بڻجي چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته صدر شي جن پنگ جي سوچ، انداز، فڪر ۽ ويزن جي بنياد تي جنگين جي خاتمي لاءِ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ دنيا ۾ امن، خوشحالي ۽ ترقي کي فروغ ڏنو پيو وڃي ان جي قيادت جو دل سان معترف آهيان هو هڪ عظيم ليڊر آهي جنهن پاڪستان ۽ چين جي دوستي کي نه رڳو هماليه وانگر بلند ۽ سمنڊ کان گهرو ڪري ڇڏيو ۽ ان ۾ مٺاس جو اهو رنگ ڀريو آهي جيڪو ماکيءَ کان به وڌيڪ مٺو آهي ۽ ان ۾ طاقت جو اهو وزن وڌو آهي جيڪو لوهه کان به وڌيڪ مضبوط آهي. وزيراعظم چيو ته هن دوري دوران منهنجا ساٿي وزير، سرڪاري آفيسر ۽ ماهر منهنجي مدد ڪندا ۽ پڪو يقين آهي ته ڏينهن رات محنت ۽ سچي دل سان ۽ خلوص نيت سان چيني قيادت سان ڳالهه ٻولهه ڪندا ۽ نوان معاهدا عمل ۾ ايندا ۽ مختلف شعبن ۾ نئين حصيداري قائم ٿيندي. وزيراعظم چيو ته دوري دوران زراعت ۾ جديد اوزارن ۽ جديد طريقن جي استعمال، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ پاڪستان ۾ نوجوان نسل جي لاءِ پيشيواراڻي تربيت، بنيادي ڍانچي جي ترقي، صنعتن جي فروغ ۽ خاص طور تي خصوصي اقتصادي زون ۽ گوادر پورٽ کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جهڙن منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ تعاون تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سلڪ روٽ جو پراڻو رستو آهي ان ۾ توسيع تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي هي اها ايجنڊا آهي جنهن تي چين سان پاڪستان ڳالهه ٻولهه ڪندو اسان چين جا انتهائي ٿورائتا آهيون جنهن ڪشمير جي عوام جي آزادي جي لاءِ سدائين آواز اٿاريو ۽ ڪڏهن ابهام جو شڪار نه ٿيو ۽ واضح انداز ۾ چين ڪشميري ڀائرن جي حمايت ڪئي آهي جڏهن ته پاڪستان سدائين چين جي ون چائنا پاليسي سميت هر حوالي سان حمايت ڪئي آهي. هانگ ڪانگ ۽ تائيوان، سائوٿ چائنا سي، جي ڊي آءِ، جي ايس آءِ سميت سمورن معاملن تي پاڪستان چين جي موقف جو ساٿ ڏنو آهي، پاڪستان تائيوان کي چين جو مضبوط حصو سمجهي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ڪروڙين ڀينرن ڀائرن کي درخواست ڪندس ته اهي اسان جي دوري جي ڪاميابي جي لاءِ دعا ڪن ۽ دعا ڪن ته اهو دورو پاڪستان ۽چين جي دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ انقلاب جو ذريعو بڻجي.