اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 9 مئي تي ادارن تي حملا ۽ شهيدن جي يادگار ساڙيندڙ ملڪ دشمن پارٽي هاڻي آءِ ايم ايف جي پروگرام کي سبوتاز ڪرڻ چاهي ٿي، برانڊيڊ جُوتا ۽ برانڊيڊ بيگ پائي پاڪستان جي عوام جي امداد بند ڪرڻ جي لاءِ احتجاج ڪندڙن جو پاڪستان جي مٽيءَ سان ڪو تعلق نه آهي، ملڪ دشمن عنصرن جي ڪڌين سازشن جو آءِ ايم ايف ڊيل تي ڪو اثر نه پوندو. هو پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته جڏهن کان هي حڪومت قائم ٿي آهي، معاشي بحالي ۽ سڌارن جي حوالي سان سٺيون خبرون اچي رهيون آهن، بلومبرگ جهڙي عالمي رسالي ناڻي واري وزير جي مقرري کي بهترين فيصلو قرار ڏنو آهي. وزيراعظم جي صلاحيت، مالياتي ادارن سان ڳالهه ٻولهه، ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائڻ ۽ معيشت کي سگهه ڏيڻ جي ڪوششن جو اعتراف پوري دنيا ڪري رهي آهي. ناڻي واري وزير کي معاشي معاملن تي مڪمل ڪمانڊ حاصل آهي، هو چاهي ٿو ته جلد کان جلد ملڪ جا مسئلا حل ڪيا وڃن. هن چيو ته انتهائي افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته هڪ ملڪ دشمن پارٽي جنهن 9 مئي تي ادارن تي حملا ڪيا، شهيدن جي يادگارن کي ساڙيو، هاڻي آءِ ايم ايف جي پروگرام کي سبوتاز ڪرڻ چاهي ٿي. سڀني کي خبر هجڻ گهرجي ته سياست بعد ۾ ملڪ اڳ ۾ آهي، اسان هن ملڪ سان آهيون، هي ملڪ 27 رمضان المبارڪ تي وجود ۾ آيو، هي قيامت تائين رهندو، هن ملڪ اسان کي ڪيترين ئي نعمتن سان نوازيو آهي. هن چيو ته جن رياستن کي ٻاهريان يا اندرون خطرا ٿيا، اتي مذهب يا نسل جي بنياد تي ماڻهن جي حقن کي سلب ڪيو ويو، ان جي ابتڙ اسان آزاد فضائن ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته آءِ ايم ايف مشن سان خوشگوار ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه جاري آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ بهتري اچي رهي آهي، دوست ملڪن جي سربراهن حڪومت جي آجيان ڪئي. اسان ته ميثاق معيشت جي ڳالهه ان وقت ڪئي جڏهن اسان مخالف ڌر ۾ هئاسين، اسان اڄ به ان ڳالهه تي قائم آهيون، عوام اسان کي ووٽ ڏئي هتي موڪليو آهي، اسان پنهنجي رت ۽ پگهر سان ملڪ کي سنوارينداسين. هن چيو ته وزيراعظم ايف بي آر سڌارن، ٽيڪس نيٽ وڌائڻ، خرچن کي گهٽ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، ٻڌايو وڃي ته وزيراعظم ڪهڙي غلط ڳالهه ڪئي آهي؟ ڪهڙي ڳالهه تي اختلاف آهي؟ هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن شرپسند عنصرن مڪروهه حرڪت ڪندي آمريڪا ۾ آءِ ايم ايف عمارت آڏو مظاهرو ڪيو آهي ته پاڪستان کي قرض نه ڏنو وڃي، اهي ماڻهو پاڻ ته ٻاهر ٽيڪس به ڏئي رهيا آهن، انهن جي سهولتن مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. اهي ئي ماڻهو پاڪ فوج جي خلاف به مظاهرو ڪن ٿا، آءِ ايم ايف کي چون ٿا ته اسان جي ليڊر جي آزادي سان پاڪستان جو قرض مشروط ڪيو وڃي. هن چيو ته سياسي ليڊر کي جڏهن ملڪ کان وڏو ڪري ڇڏيندا ته ملڪ دشمني ٿي وڃي ٿي، ماضي ۾ اسان جي قيادت جيلون برداشت ڪيون، روزانو عدالتن ۾ پيش ٿياسين پر ادارن تي حملا نه ڪيا. هن چيو ته آمريڪي سازش چوندڙ اڄ آمريڪا ۾ ويهي اهو چئي رهيا آهن ته پاڪستان کي امداد نه ڏني وڃي. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ جي چوڻ تي ملڪ دشمني ٿي رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته انشاءَ الله ملڪ دشمن عنصرن جا ارادا ڪامياب نه ٿيندا، پاڪستان ترقي ڪندو، معيشت مستحڪم ٿيندي، واڌويجهه جي شرح، ايڪسپورٽس ۾ اضافو ٿيندو، صحيح فيصلن جا ثمر به جلد نظر اچڻ شروع ٿي ويندا. هن چيو ته پاڪ فوج اسان جي دفاع تي مقرر آهي، آءِ ايم ايف جي ٻاهران پاڪ فوج جي خلاف نعرن سان ڪجهه ناهي ٿيڻ وارو. هن چيو ته پي ٽي آءِ چاهي ٿي ته ملڪ ڊيفالٽ ڪري وڃي پر اسان انهن جا ارادا پورا ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته منهنجي سمورن محب وطن پاڪستانين کي اپيل آهي ته اهي پاڪستان سان گڏ بيهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن ملڪ جي لاءِ اسان کي اهو معاملو طئي ڪرڻو پوندو ته سياست به ڪريون، تنقيد براءِ اصلاح به ڪريون پر پاڪستان تي ڪنهن به صورت ۾ ڌٻو اچڻ نه گهرجي. هن چيو ته اهي ماڻهو نه پاڪستاني آهن ۽ نه پاڪستان سان محبت ڪندڙ آهن. فيشن ايبل ڪرائوڊ اهو چاهي ٿو ته اسان جي قائد کي آزاد ڪيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جن ماڻهن معيشت کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي انهن جي سڃاڻپ ضروري آهي، اهي معاملا غور طلب آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شوڪت ترين جي خلاف ايف آءِ اي مان پهريون نوٽيس جاري ٿيو ته هو ملڪ ڇڏي ويو، ٻئي نوٽيس تي هن پنهنجي ڌيءَ کي ايف آءِ اي موڪلي ڇڏيو، اسان ڀينرن ۽ ڌيئرن جو تمام گهڻو احترام ڪريون ٿا. هن چيو ته محمد اورنگزيب ڪراچي ۾ رهندو هو، حبيب بئنڪ جو صدر هو، سندس ڀاءُ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب رهيو، سندس وٽ پاڪستاني شهريت موجود آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن جي يو آءِ ايف يوسف رضا گيلاني کي ووٽ ڏيڻ جو جيڪو واعدو ڪيو اسان ان جو احترام ڪريون ٿا.