جنيوا_ 16 فيبروري(اي پي پي)گڏيل قومن جي واپار ۽ ترقي بابت اداري جي ڊائريڪٽر رچرڊ ڪوزول رائٽ چيو آهي ته اسرائيل ۾ شروع ڪيل غزه جنگ جي فوري طور تي رڪجڻ جي صورت ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ 20 ارب ڊالر گهربل هوندا جڏهن ته جنگ وڌيڪ وقت تائين جاري رهڻ جي صورت ۾ تباهي جو ڪاٿو وڌي ويندو، جنيوا ۾ اجلاس دوران ٻڌايو ته موجوده نقصان 2014 ۾ ست هفتا جاري رهندڙ جنگ کان 4 ڀيرا وڌيڪ آهي، يو اين سي ٽي اي ڊي پنهنجي رپورٽن ۾ تجويز پيش ڪئي هئي ته جيڪڏهن غزه ۾ جنگ فوري طور تي روڪي ويندي ته غزه جي معيشت کي جنگ کان اڳ واري صورتحال تائين پهچڻ ۾ هڪ صدي لڳي ويندي، گذريل نومبر جي آخر تائين جنگ سبب 37 هزار 379 عمارتون تباه ٿي چڪيون آهن جيڪي غزه پٽي جي ڪل عمارتن جو 18 سيڪڙو جي برابر آهن.