رياض-16 فيبروري (اي پي پي)سعودي عرب جي خادم حرمين الشريفين شاه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جسماني عضووڌا عطيئو ڪرڻ تي 200 مقامي شهرين کي شاه عبدالعزيز ميڊل ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب سعودي عرب جي صحت واري وزارت پاران ان ڳالهه جو خاص اهتمام ڪيو ويندو ته ضرورتمند مريضن کي رت يا جسماني عضون جن ۾ گردا، جگر ۽ ٻيا عضوا شامل آهن ٽرانسپلانٽ ڪيا وڃن.صحت واري …
سعودي عرب جو عضوا عطيو ڪرڻ تي 200 شهرين کي ميڊل ڏيڻ جو اعلان

مزید خبریں
رياض-16 فيبروري (اي پي پي)سعودي عرب جي خادم حرمين الشريفين شاه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جسماني عضووڌا عطيئو ڪرڻ تي 200 مقامي شهرين کي شاه عبدالعزيز ميڊل ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب سعودي عرب جي صحت واري وزارت پاران ان ڳالهه جو خاص اهتمام ڪيو ويندو ته ضرورتمند مريضن کي رت يا جسماني عضون جن ۾ گردا، جگر ۽ ٻيا عضوا شامل آهن ٽرانسپلانٽ ڪيا وڃن.صحت واري وزارت پاران اهڙن ماڻهن جي سفارش ڪئي ويندي آهي جن ڪيترائي ڀيرائي رت جو عطيئو ڪيو هجي،وزارت جي ريڪاڊ سيڪشن ۾ بلڊ ڊونرز جو مڪمل ڊيٽا موجود هوندو آهي جنهن جي بنياد تي انهن کي ميڊل لاءِ نامزد ڪيو ويندو آهي.واضع رهي ته عضوا عطيئو ڪندڙن ۾ عورتون پڻ شامل آهن جن کي شاه عبدالعزيز ميڊل ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.











