چونڊون مجموعي طور تي پرامن رهيون، سيڪيورٽي خطرن سبب موبائيل فون سروس بند ڪئي وئي، پاڪستان ۾ انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا تي ڪا پابندي نه هئي، چونڊن واري ڏينهن فڪسڊ براڊ بينڊ جي سهولت مڪمل طور تي فعال هئي، 2024ع جي چونڊن ۾ وڏي انگ ۾ آزاد اميدوارن جي چونڊ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته چونڊون شفاف ٿيون آهن: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊون مجموعي طور تي پرامن رهيون، سيڪيورٽي خطرن سبب موبائيل فون سروس بند ڪئي وئي، پاڪستان ۾ انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا تي ڪا پابندي نه هئي، چونڊن واري ڏينهن فڪسڊ براڊ بينڊ جي سهولت مڪمل طور تي فعال هئي، 2024ع جي چونڊن ۾ وڏي انگ ۾ آزاد …

اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊون مجموعي طور تي پرامن رهيون، سيڪيورٽي خطرن سبب موبائيل فون سروس بند ڪئي وئي، پاڪستان ۾ انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا تي ڪا پابندي نه هئي، چونڊن واري ڏينهن فڪسڊ براڊ بينڊ جي سهولت مڪمل طور تي فعال هئي، 2024ع جي چونڊن ۾ وڏي انگ ۾ آزاد اميدوارن جي چونڊ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته چونڊون شفاف ٿيون آهن. اها ڳالهه هن نگران وفاقي گهرو وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود به موجود هو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير پرامن چونڊون منعقد ٿيڻ تي پاڪستان جي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته نگران حڪومت پنهنجي واعدي موجب چونڊون منعقد ڪرايون. هن چيو ته چونڊن واري ڏينهن ڪجهه واقعا ٿيا پر مجموعي طور تي چونڊن جون سرگرميون پرامن رهيون. هن چيو ته نگران حڪومت گذريل سال 17 آگسٽ 2023ع تي جڏهن حلف کنيو هو ته اسان واعدو ڪيو هو ته اليڪشن ڪميشن چونڊن جي جيڪا تاريخ ڏيندي ان تي چونڊون ڪرائينداسين، جڏهن 8 فيبروري جي تاريخ ڏني وئي ته چونڊن جي حوالي سان ڪيتريون ئي قياس آرائيون ڪيون ويون پر اسان مستقل مزاجي سان پنهنجي موقف تي قائم رهياسين ۽ اسان کي خوشي آهي ته چونڊون منعقد ڪرڻ جو فرض اسان خوش اسلوبي سان پڄاڻي تي پهچايو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا تي ڪا پابندي نه هئي، چونڊن واري ڏينهن فڪسڊ براڊ بينڊ هلي رهيو هو. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ سيڪيورٽي جي ڏس ۾ انٽرنيٽ سروس بند ڪئي وڃي ٿي، 2022ع ۾ دنيا جي 35 ملڪن ۾ 187 ڀيرا انٽرنيٽ جي سروس بند ٿي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف هن خطي ۾ سڀ کان ڊگهي ويڙهه وڙهي آهي جنهن ۾ اسان جا هزارين ماڻهو شهيد ٿيا آهن. هن چيو ته چونڊن واري ڏينهن 61 واقعن ۾ 16 شهادتون ٿيون، چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ 28 شهادتون ٿيون، 15 جنوري کانپوءِ 47 واقعا ٿيا جن ۾ 7 آءِ اي ڊيز ۽ 26 گرنيڊ ڌماڪن جا واقعا ٿيا. هن چيو ته گذريل ڏينهن ڪامن ويلٿ جي آبزرور گروپ جي سربراهه پڻ چيو ته جڏهن موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروس موجود نه هئي، ان وقت به جمهوريت ۽ چونڊون ٿينديون هيون. هن چيو ته موبائيل سروس جي بندش سان ماڻهن کي ڪجهه مشڪلاتون درپيش آيون آهن پر شهرين جي جانين جو تحفظ وڌيڪ ضروري هو. هن چيو ته شهرين جي جانين جو تحفظ سيڪيورٽي ادارن ۽ گهرو وزارت جي ذميواري آهي، سيڪيورٽي خطرن جي ڪري موبائيل فون سروس بند ڪئي وئي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊن ۾ وڏي انگ ۾ آزاد اميدوارن جي چونڊ ان ڳالهه جو اظهار آهي ته چونڊون شفاف ٿيون آهن.

مزید خبریں