اسلام آباد _ 9 فيبروري (اي پي پي ) پاڪستان ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ سنڌ جي صوبائي سيٽن تي پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجي اهم اڳواڻن سميت ڪاميابي حاصل ڪري اڪثريت ماڻي ورتي آهي. جاري ڪيل نتيجن موجب سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 10 لاڙڪاڻو (هڪ) تان پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جي اميدوار فريال ٽالپر 85 هزار 917 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي وئي. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل غير سرڪاري …
پاڪستان ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ سنڌ جي صوبائي سيٽن تي پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجي اهم اڳواڻن سميت ڪاميابي حاصل ڪري اڪثريت ماڻي ورتي، غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب فريال ٽالپر، نثار احمد کهڙو، جميل احمد سومرو، آغا سراج دراني، سردار احمد شاهه، شرجيل انعام ميمڻ، سردار خان چانڊيو، برهان خان چانڊيو، مخدوم فخر الزمان، تيمور خان ٽالپر، سردار محمد بخش خان مهر، تاج محمد ملاح، اسماعيل راهو ۽ ٻين ڪاميابي حاصل ڪئي

مزید خبریں
اسلام آباد _ 9 فيبروري (اي پي پي ) پاڪستان ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ سنڌ جي صوبائي سيٽن تي پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجي اهم اڳواڻن سميت ڪاميابي حاصل ڪري اڪثريت ماڻي ورتي آهي. جاري ڪيل نتيجن موجب سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 10 لاڙڪاڻو (هڪ) تان پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جي اميدوار فريال ٽالپر 85 هزار 917 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي وئي. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي مطابق جميعت علماءِ اسلام پاڪستان جو اميداوار ڪفايت الله 18 هزار 475 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ تي پيل ووٽن جي شرح 47.92 سيڪڙو رهي. سنڌ اسيمبليءَ جي تڪ ايس 15 قمبر- شهدادڪوٽ-2 مان پ پ پ پ جو اميدوار نثار احمد کهڙو 44810 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري غير حتمي نتيجن مطابق مسلم ليگ (ن) جي اميدوار همايون خان 17211 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ووٽن جي شرح 35.81 سيڪڙو رهي. سنڌ اسيمبليءَ جي تڪ پي ايس 9 شڪارپور-3 مان پ پ پ پ اميدوار آغا سراج خان دراني 63760 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري غير حتمي نتيجن مطابق جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان جي اميدوار راشد الله شاهه 25634 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ووٽن جي شرح 39.04 سيڪڙو رهي. سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 61 حيدرآباد 2 تان پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو اميدوار شرجيل انعام ميمڻ، 63 هزار 79 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو . غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي مطابق جميت علماءَ اسلام پاڪستان جو اميدوار سعيد احمد ٽالپر 11 هزار 368 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو . ان تڪ ۾ پيل ووٽن جي شرح 42.72 رهي . سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 16 قمبر شهدادڪوٽ-3 تان پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو اميدوار سردار خان چانڊيو 38 هزار 57 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب آزاد اميدوار محمد علي هڪڙو 12 هزار 581 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 29.98 سيڪڙو رهي. پي ايس 17 قمبر-شهدادڪوٽ-4 مان پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو اميدوار نوابزاده برهان چانڊيو 43885 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري غير حتمي نتيجن مطابق جي ڊي اي جي اميدوار جاويد حسين کوکر 21658 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ووٽن جي شرح 36.07 سيڪڙو رهي. پي ايس 28 خيرپور-3 مان پ پ جو اميدوار ساجد علي ٻانڀڻ 59217 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري غير حتمي نتيجن مطابق جي ڊي اي جي اميدوار اسماعيل شاهه 54839 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ووٽن جي شرح 57.32 سيڪڙو رهي. پي ايس 35 نوشهروفيروز-4 مان پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو اميدوار ضياءُ الحسن 79744 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري غير حتمي نتيجن مطابق جي ڊي اي جي اميدوار مسرور احمد خان جتوئي 29529 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ووٽن جي شرح 52.13 سيڪڙو رهي. پي ايس 34 نوشهروفيروز-3 مان پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو اميدوار ممتاز علي چانڊيو 52385 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري غير حتمي نتيجن مطابق جي ڊي اي جي اميدوار شاهه نواز جتوئي 46442 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ووٽن جي شرح 46.77 سيڪڙو رهي. پي ايس 49 عمرڪوٽ – هڪ مان پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو اميدوار سيد سردار علي شاهه 50204 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري غير حتمي نتيجن مطابق جي ڊي اي جي اميدوار خضر حيات 23492 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ووٽن جي شرح 46.2 سيڪڙو رهي. جڏهن ته پي ايس 23 سکر 2 تان پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو اميدوار سيد اويس قادر شاه 69 هزار 266 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو اميدوار عنايت الله 21 هزار 137 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 52.15 سيڪڙو رهي. جڏهن ته پي ايس 71 بدين 4 تان پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو اميدوار تاج محمد ملاح 41 هزار 134 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. جڏهن ته جي ڊي اي جو اميدوار حسام مرزا 32 هزار 477 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ تي پيل ووٽن جي شرح 51.03 سيڪڙو رهي . جڏهن ته پي ايس-72 بدين- 5 تان پاڪستان پيپلز پارٽي جو اميدوار محمد اسماعيل راهو 39 هزار 849 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو اميدوار امير حسن پنهور 24 هزار 296 وٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 46.09 سيڪڙو رهي. پي ايس 68 بدين-1 مان پ پ جو اميدوار محمد هاليپوٽو 63348 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري غير حتمي نتيجن مطابق جي ڊي اي جو اميدوار منصور علي نظاماڻي 14203 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ووٽن جي شرح 45.7 سيڪڙو رهي. جڏهن ته پي ايس 11 لاڙڪاڻي 02 تان پاڪستان پيپلز پارٽي جو اميدوار جميل احمد سومرو 41 هزار 158 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. غير سرڪاري غير حتمي نتيجن موجب گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو اميدوار ڪاظم علي خان 20 هزار 807 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ پيل ووٽن جي شرح 36.55 سيڪڙو رهي . جڏهن ته پي ايس 33 نوشهرو فيروز – 2 تان پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جو اميدوار سيد حسن علي شاهه 60 هزار 617 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب آزاد اميدوار رضوان احمد 2 هزار 791 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 46.32 سيڪڙو رهي. پي ايس 20 گهوٽڪي مان پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو اميدوار سردار محمد بخش خان مهر 87431 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري غير حتمي نتيجن مطابق جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان جو اميدوار محمد اسحاق لغاري 9401 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ووٽن جي شرح 47.49 سيڪڙو رهي. پي ايس 57 مٽياري-2 مان پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو اميدوار مخدوم فخر الزمان 52175 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري غير حتمي نتيجن مطابق گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو اميدوار سيد جلال حسين شاهه 44873 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ووٽن جي شرح 52.80 سيڪڙو رهي. جڏهن ته پي ايس 12 لاڙڪاڻو-3 مان پ پ جو اميدوار سهيل انور 54077 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري غير حتمي نتيجن مطابق جي ڊي اي جو اميدوار معظم علي خان 31850 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ووٽن جي شرح 46.96 سيڪڙو رهي. پي ايس 6 ڪشمور-3 مان پ پ جو اميدوار محبوب علي خان بجاراڻي 86365 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري غير حتمي نتيجن مطابق جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان جو اميدوار عبدالقيوم 9945 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ووٽن جي شرح 55.26 سيڪڙو رهي. جڏهن ته پي ايس 21 گهوٽڪي مان پ پ جو اميدوار علي نواز خان مهر 63758 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان/رٽرننگ آفيسر طرفان جاري غير سرڪاري غير حتمي نتيجن مطابق جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان جو اميدوار غلام علي عباس 29273 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ووٽن جي شرح 46.33 سيڪڙو رهي. جڏهن ته پي ايس 27 خيرپور-2 مان پ پ جو اميدوار هالار وساڻ 91131 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري غير حتمي نتيجن مطابق جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان جو اميدوار محمد شريف ابڙو 10734 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ووٽن جي شرح 48.33 سيڪڙو رهي. پي ايس 8 شڪارپور -2 تان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جو اميدوار محمد عارف خان مهر 64 هزار 16 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب جمعيت علماءُ اسلام جو اميدوار عابد حسين جتوئي 51 هزار 869 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 62.97 سيڪڙو رهي. پي ايس 19 گهوٽڪي تان آزاد اميدوار نادر اڪمل خان لغاري 55 هزار 683 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جو اميدوار عبدالباري پتافي 44 هزار 186 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 50.68 سيڪڙو رهي. پي ايس 22 سکر هڪ تان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جو اميدوار اڪرام الله خان 41 هزار 828 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب جمعيت علماءُ اسلام جو اميدوار محمد مبين 39 هزار 778 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 48.78 سيڪڙو رهي. جڏهن ته پي ايس 44 سانگهڙ 5 تان پاڪستان پيپلز پارٽي پارليمنٽرين جو اميدوار شاهد ٿهيم 60 هزار 385 ووٽن کڻي ڪامياب ٿي ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو اميدوار محمد بخش 49 هزار 143 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 48.27سيڪڙو رهي. پي ايس 51 عمر ڪوٽ 3 تان پيپلز پارٽي جو اميدوار محمد تيمور ٽالپور 58 هزار 958 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو اميدوار دوست محمد 27 هزار ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 48 سيڪڙو رهي. پي ايس 43 سانگهڙ 4 تان پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامنٽرين جي اميدوار پارس ڏيرو 67 هزار 851 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي وئي. غير سرڪاري غير حتمي نتيجن مطابق گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو اميدوار نياز حسين 23 هزار 869 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ پيل ووٽن جي شرح 42.92 سيڪڙو رهي . پي ايس 59 ٽنڊو الهيار ٽو تان پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامنٽرين جو امداد علي پتافي 62 هزار 771 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. غير سرڪاري غير حتمي نتيجن مطابق گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو محمد حسن 29 هزار 325 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ پيل ووٽن جي شرح 47.34 سيڪڙو رهي. پي ايس 85 ملير ٽو تان پاڪستان پيپلز پارٽي پارليمنٽرين جو اميدوار محمد ساجد 27 هزار 791 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. غير سرڪاري غير حتمي نتيجن موجب پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو اميدوار پير حفيظ الله 14 هزار 304 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ پيل ووٽن جي شرح 42.34 سيڪڙو رهي. پي ايس 73 سجاول ون مان پاڪستان پيپلز پارٽي پارليمنٽرين جو اميدوار شاهه حسين شيرازي 72 هزار 942 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. غير سرڪاري غير حتمي نتيجن موجب جمعيت علما اسلام پاڪستان جو اميدوار محمد اسماعيل ميمڻ 6 هزار 167 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو، ان تڪ ۾ پيل ووٽن جي شرح 40.66 سيڪڙو رهي. پي ايس 32 نوشهرو فيروز هڪ تان پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرينز جو اميدوار سيد سرفراز حسين شاهه 58 هزار 761 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو اميدوار سيد زوهيب علي شاهه 27 هزار 413 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 44.95 سيڪڙو رهي. پي ايس 4 ڪشمور هڪ تان پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرينز جو اميدوار عبدالرئوف کوسو 58 هزار 46 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب آزاد اميدوار مير غالب حسين خان 25 هزار 758 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 49.75 سيڪڙو رهي. جڏهن ته پي ايس 3 جيڪب آباد ٿري تان آزاد اميدوار مير ممتاز حسين خان 39 هزار 600 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرينز جو اميدوار مير اورنگزيب پنهور 31 هزار 587 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 42.02 سيڪڙو رهي. پي ايس 42 سانگهڙ 3 تان پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين جو اميدوار ڄام شبير علي خان 58 هزار 383 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو اميدوار ڄام نفيس علي خان 47 هزار 999 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 51.5 سيڪڙو رهي. پي ايس 47 ميرپورخاص -3 تان پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين جو اميدوار نور احمد ڀرڳڙي 56 هزار 522 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب آزاد اميدوار فيصل ڪاڇيلو 17 هزار 420 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 45.91 سيڪڙو رهي. پي ايس 48 ميرپورخاص 4 تان پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جو اميدوار طارق علي 66 هزار 02 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو اميدوار عنايت الله 15 هزار 638 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 49.23 سيڪڙو رهي. جڏهن ته پي ايس 31- خيرپور-6 تان گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو اميدوار سيد محمد راشد شاه 58 هزار 91 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو اميدوار محمد بچل شاه 51 هزار 769 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 46.85 سيڪڙو رهي. پي ايس -24 سکر- 3 تان پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو اميدوار سيد فرخ احمد شاه 41 هزار 235 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب آزاد اميدوار مبين احمد 19 هزار 622 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 36.82 سيڪڙو رهي. پي ايس-39 شهيد بينظير 4 تان پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو اميدوار بهادر خان ڏاهري 69 هزار 876 ووٽن سان ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو اميدوار عارف نياز آرائين 15 هزار 15 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 46.41 سيڪڙو رهي. جڏهن ته پي ايس-37 شهيد بينظير آباد-2 پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو اميدوار جاويد اقبال 70 هزار 383 ووٽ کڻي ڪامياب ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب آزاد اميدوار عنايت علي رند 20 هزار 492 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 44.62 سيڪڙو رهي. پي ايس – 36 شهيد بينظير آباد – هڪ تان پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جي اميدوار عذره پيچوهو 75 هزار 866 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب آزاد اميدوار مير بهاول خان رند 16 هزار 228 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ٿيل ووٽن جي شرح 44.69 سيڪڙو رهي. پي ايس 80 دادو تان پيپلزپارٽي جو اميدوار عبد العزيز جوڻيجو کي 52 هزار 131 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو اميدوار ڪريم علي جتوئي 43 هزار 815 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 41.9سيڪڙو رهي. پي ايس 44 سانگهڙ 5 تان پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جي اميدوار شاهد ٿهيم کي 60 هزار 385ووٽ کڻڻ جي ڪري ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب جي ڊي اي جو اميدوار 49143 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو . ان تڪ تي ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 48.27 سيڪڙو رهي. پي ايس 1 جيڪب آباد هڪ تان پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو اميدوار شير محمد مغيري 48 هزار 385 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب آزاد اميدوار عبدالرزاق خان 18 هزار 115 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 37.26 سيڪڙو رهي. جڏهن ته پي ايس 5 ڪشمور 2 تان پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامنٽرين اميدوار سردار غلام عابد 31 هزار 132 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب جمعيت علماءُ اسلام پاڪستان اميدوار رب نواز 21 هزار 52 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 35.15 سيڪڙو رهي. پي ايس جيڪب آباد ون تان پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين جو اميدوار شير محمد مغيري 48 هزار 385 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي. غير سرڪاري غير حتمي نتيجن موجب آزاد اميد وار عبدالرزاق خان 18 هزار 115 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو ان تڪ ۾ پيل ووٽن جي شرح 37.26 سيڪڙو رهي. پي ايس 73 سجاول ون تان پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار شاهه حسين شيرازي 72 هزار 942 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب جمعيت علماءُ اسلام پاڪستان جو اميدوار محمد اسماعيل ميمڻ 6 هزار 167 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 40.66 سيڪڙو رهي. جڏهن ته پي ايس 86 ملير 03 تان پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو اميدوار عبدالرزاق راجا 15 هزار ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پاڪستان مسلم ليگ نون جو اميدوار محمد يعقوب 6 هزار 633 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو . ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 39.34 سيڪڙو رهي. پي ايس 75 ٺٽو ون تان پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين جو اميدوار رياض حسين شاهه شيرازي 80 هزار 744 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب جمعيت علماءُ اسلام پاڪستان جو اميدوار محمد ارشد ميمڻ 6 هزار 596 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ٿيل ووٽن جي شرح 39.21 سيڪڙو رهي. پي ايس 14 قمبر- شهدادڪوٽ-1 مان پ پ پ پ جو اميدوار مير نادر علي مگسي 38473 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري غير حتمي نتيجن مطابق جي ڊي جي اميدوار مظفر علي بروهي 20422 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ووٽن جي شرح 33.58 سيڪڙو رهي. جڏهن ته پي ايس 50 عمرڪوٽ 2 تان پيپلزپارٽي جو اميدوار سيد امير علي شاهه 61 هزار 386 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي اميدوار غلام نبي 15 هزار 648 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 57.86 سيڪڙو رهي. پي ايس 52 ٿرپارڪر ون تان پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينيٽرين جو اميدوار دوست محمد 69 هزار 616 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو اميدوار شير خان 15 هزار 713 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 73.41 سيڪڙو رهي. جڏهن ته پي ايس 55 ٿرپارڪر 4 تان پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين جو اميدوار ارباب لطف الله هڪ لک 7 هزار 552 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو اميدوار ارباب ذڪاءُ الله 17 هزار 768 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 65.81 سيڪڙو رهي. پي ايس 69 بدين 2 تان پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين جو اميدوار مير الله بخش ٽالپور 38 هزار 759 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو اميدوار مير عبدالله خان 33 هزار 378 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 43.35 سيڪڙو رهي. پي ايس 76 ٺٽو 2 تان پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين جو اميدوار علي حسن 71 هزار 408 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو اميدوار الطاف حسين ڪڇي 4 هزار 812 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 35.52 سيڪڙو رهي. جڏهن ته پي ايس 74 سجاول ٽو تان پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين جو اميدوار محمد علي ملڪاڻي 83 هزار 900 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب آزاد اميدوار عبدالستار 14 هزار 259 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 53.32 سيڪڙو رهي. پي ايس 88 ملير 5 تان آزاد اميدوار اعجاز خان 17 هزار 580 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين جو اميدوار سيد مزمل شاهه 12 هزار 762 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 37.88 سيڪڙو رهي. پي ايس 92 ڪورنگي ڪراچي 3 تان آزاد اميدوار واجد حسين خان 28 هزار 276 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب جماعت اسلامي پاڪستان جو اميدوار مرزا فرحان بيگ 20 هزار 830 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 32.81 سيڪڙو رهي. جڏهن ته پي ايس 95 ڪورنگي ڪراچي -6 تان پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين جو اميدوار محمد فاروق اعواڻ 16 هزار 386 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب آزاد اميدوار راجا اظهر خان 11 هزار 27 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 38.94 سيڪڙو رهي. پي ايس 96 ڪورنگي ڪراچي -7 تان آزاد اميدوار محمد اويس 16 هزار 997 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب جماعت اسلامي پاڪستان جو اميدوار شفيق احمد 9 هزار 644 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 33.43 سيڪڙو رهي. پي ايس 94 ڪورنگي ڪراچي 5 تان متحده قومي موومينٽ پاڪستان جو اميدوار نجم مرزا 24 هزار 161 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب جماعت اسلامي پاڪستان جو اميدوار ارشد حسين 19 هزار 633 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ڪاسٽ ڪيل ووٽن جي شرح 34.41 سيڪڙو رهي. پي ايس 91 ڪورنگي ڪراچي-2 مان جماعت اسلامي جو اميدوار محمد فاروق 23499 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري غير حتمي نتيجن مطابق آزاد اميدوار عابد جيلاني 22732 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ووٽن جي شرح 37.32 سيڪڙو رهي. پي ايس 81 دادو-2 مان پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو اميدوار فياض علي ٻُٽ 54338 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. غير سرڪاري غير حتمي نتيجن مطابق جي ڊي اي جي اميدوار لياقت علي جتوئي 46963 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ان تڪ ۾ ووٽن جي شرح 48.07 سيڪڙو رهي.











