اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا روينيو ڊويزن جي سفارش تي ايف بي آر جي نئين سر تنظيم سازي ۽ ڊيجيٽلائيزيشن ۽ وفاقي ٽيڪس پاليسي بورڊ جي جوڙجڪ جي منظوري ڏيندي پاڻي ذخيرن واري وزارت جي سفارش تي پيش ڪيل ارسا ايڪٽ 1992ع ۾ ترميم جي فيصلي جي توثيق ملتوي ڪري ان حوالي سان تفصيلي بحث کانپوءِ وفاقي ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته ڪابينا جي سفارشن جي روشني ۾ سڌارن جي حوالي سان سموري گهربل ضروري قانونسازي جي لاءِ مسودو ايندڙ چونڊيل پارليامينٽ کي منظوري جي لاءِ پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا روينيو ڊويزن جي سفارش تي فيڊرل بورڊ آف روينيو جي نئين سر تنظيم سازي ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا کي 23 جنوري 2024ع جي اجلاس ۾ قائم ڪيل ناڻي واري نگران وفاقي وزير جي سربراهي ۾ بين الوزارتي ڪميٽي جون سفارشون پيش ڪيون ويون. گذريل اجلاس ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪيل سمري ۾ تفصيلي بحث کانپوءِ موثر ڦيرڦار ڪئي وئي ۽ اها ڪابينا جي اجلاس ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪئي وئي. انهن سڌارن جي روشني ۾ روينيو ڊويزن ۾ وفاقي ٽيڪس پاليسي بورڊ جوڙيو ويندو، جيڪو ملڪ ۾ ٽيڪس پاليسي جي جوڙجڪ، روينيو جي هدفن جي تعين ۽ ڌرين جي وچ ۾ تعاون جا فرض سرانجام ڏيندو. فيڊرل پاليسي بورڊ جي سربراهي ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڪندي. نئين سر تنظيم سازي جي نتيجي ۾ ڪسٽمز ۽ ان لينڊ روينيو جي سڌارن کي جدا ڪري ان جي سربراهي لاڳاپيل ڪيڊرز جا ڊائريڪٽر جنرلز ڪندا. لاڳاپيل ڊائريڪٽر جنرلز کي پنهنجي پنهنجي ادارن جي انتظامي، مالي ۽ آپريشن معاملن جي حوالي سان مڪمل اختيار هوندو. ٻئي ڊائريڪٽر جنرلز پنهنجي پنهنجي ادارن جي ڊيجيٽلائيزيشن، شڪايتن جي ازالي ۽ شفافيت جي حوالي سان عالمي سطح تي لاڳو بهترين قدم لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائيندا. ڪسٽمز ۽ ان لينڊ روينيو جي لاءِ جدا جدا اوورسائيٽ بورڊز هوندا. ناڻي، روينيو، واپار وارا وفاقي سيڪريٽريز، نادرا جو چيئرمين، لاڳاپيل شعبن جا ماهر ان جا ميمبر هوندا، جڏهن ته ناڻي واري نگران وفاقي وزير سربراهه هوندي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ان بورڊ ۾ نجي شعبي جي ماهرن جي مقرري جي وقت اها ڳالهه يقيني بڻائي ويندي ته مفادن جو ٽڪراءُ نه ٿئي. نگران وزيراعظم اها به هدايت ڪئي ته ڪابينا ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ سڌارن جي حوالي سان سموري گهربل ضروري قانونسازي جي لاءِ مسودو ايندڙ چونڊيل پارليامينٽ جي منظوري جي لاءِ پيش ڪيو وڃي. نگران وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا ناڻي واري نگران وفاقي وزير، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل عملدارن جي انهن سڌارن جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو. وفاقي ڪابينا قانوني معاملن واري ڪابينا ڪميٽي جي 26 جنوري 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. جيتوڻيڪ ڪابينا پاڻي ذخيرن واري وزارت جي سفارش تي پيش ڪيل ارسا ايڪٽ 1992ع ۾ ترميم جي فيصلي جي توثيق ملتوي ڪري ان حوالي سان تفصيلي بحث کانپوءِ وفاقي ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.