اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۾ اسان جي پرڏيهي پاليسي اهم ڪردار ادا ڪيو، ترڪيه جي خيرسگالي جي جذبن جي سدائين قدر ڪريون ٿا، نگران حڪومت جو ڪو ميمبر يا ان جو ڪو رشتيدار چونڊن ۾ حصو نه ٿو وٺي سگهي ۽ نه ئي ان ڊوڙ ۾ اسان جو ڪو گهوڙو آهي، پوسٽل بيلٽ روانا ڪيا پيا وڃن 8 فيبروري جي چونڊن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ٻن ڏينهن جي اندر سرڪاري طور تي چونڊ نتيجن جو اعلان ڪندي، سرڪاري نتيجن جو اعلان ڪرڻ کانپوءِ موجوده قومي اسيمبلي جو اسپيڪر هڪ ٻن هفتن جي اندر قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪ نشرياتي اداري ”ٽي آر ٽي“ کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته 16 جنوري کانپوءِ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ ۽ خراب صورتحال ۾ وڏي حد تائين گهٽتائي آئي آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي ڪري خطي ۾ ڳڻتي ڏٺي پئي وئي جيڪا آهستي آهستي ختم ٿيندي پئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ صورتحال کي معمول تي آڻڻ جي لاءِ ترڪيه، عوامي جمهوريه چين سميت ٻين ڀائر ملڪن تعميري ڪردار ادا ڪيو جنهن کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي قيادت وڏي حد تائين ان مسئلي کي حل ڪري ورتو آهي. هن چيو ته ترڪيه جي قيادت ۽ ترڪ قوم سان پاڪستان جي قيادت ۽ پاڪستان جي عوام جا سدابهار لاڳاپا آهن ۽ اهي پاڪستان جي لاءِ وڏو سرمايو آهن. هڪ سوال تي هن چيو ته آئين تحت ملڪ ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون، غيرجانبداراڻيون ۽ شفاف چونڊون ڪرائن اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ۽ اليڪشن ڪميشن پنهنجي اها ذميواري بهتر طريقي سان سرانجام ڏئي رهي آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت آئين جي آرٽيڪل 224 تحت قائم ٿي آهي، اسان پنهنجو ڪم ذميواري سان سرانجام ڏئي رهيا آهيون، اليڪشن ڪميشن کي مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته ڪجهه سياسي پارٽين جون شڪايتون آهن، اهي اسان جي ڪلچر جو حصو آهي، ملڪ ۾ سياست جي مڪمل آزادي آهي، ان تي پابندي نه آهي. هن چيو ته نگران حڪومت جو ڪو ميمبر يا ان جو ڪو رشتيدار چونڊن ۾ حصو نه ٿو وٺي سگهي ۽ نه ئي ان ڊوڙ ۾ اسان جو ڪو گهوڙو آهي، اسان سمورين سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته هن وقت بيلٽ پيپرز جي ڇپائي جو ڪم جاري آهي، پوسٽل بيلٽ پڻ روانا ڪيا پيا وڃن ۽ اهڙي طرح سموريون تياريون اسان جي لحاظ کان مڪمل آهن، جڏهن ته چونڊن جي ڏينهن تائين اڃان تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. هن چيو ته 8 فيبروري تي آزاداڻيون، منصفاڻيون، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ تي پختو يقين رکون ٿا. مرتضيٰ سولنگي چيو ته 8 فيبروري جي چونڊن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ٻن ڏينهن جي اندر سرڪاري طور تي چونڊ نتيجن جو اعلان ڪندي. سرڪاري نتيجن جو اعلان ڪرڻ کانپوءِ موجوده قومي اسيمبلي جو اسپيڪر هڪ ٻن هفتن جي اندر قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪندو ۽ نوان اسيمبلي ميمبر حلف کڻندا ۽ ان کانپوءِ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ عمل ۾ آندي ويندي ۽ ان کان فوري پوءِ قائد ايوان جي چونڊ ٿيندي. قائد ايوان کان صدر وزيراعظم جي عهدي جو حلف وٺندو ۽ جيئن ئي وزيراعظم حلف کڻندو نگران حڪومت تحليل ٿي ويندي ۽ نئون چونڊيل وزيراعظم پنهنجي ڪابينا جوڙيندو.