سعودي عرب 2034 تائين ساليانو چار لک ڪارون تيار ڪندو؛ نيشنل ڊيولپمينٽ ڊيپارٽمينٽ

رياض – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ ۾ نيشنل ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جي سربراهه جيري ٽوڊ چيو آهي ته سعودي عرب 2034ع تائين ساليانو چار لک ڪارون تيار ڪندو. اها ڳالهه هن فيوچر انويسٽمينٽ انيشيئيٽو جي سرگرمين دوران هڪ تقرير ۾ ڪئي. هن چيو ته جيستائين سپلائي چينس جو تعلق آهي، ٻئين ۽ ٽئين درجي جا سپلائيرز هاڻ فيڪٽرين جي خدمت جي لاءِ بنيادي ڍانچو تيار ڪري …

رياض – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ ۾ نيشنل ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جي سربراهه جيري ٽوڊ چيو آهي ته سعودي عرب 2034ع تائين ساليانو چار لک ڪارون تيار ڪندو. اها ڳالهه هن فيوچر انويسٽمينٽ انيشيئيٽو جي سرگرمين دوران هڪ تقرير ۾ ڪئي. هن چيو ته جيستائين سپلائي چينس جو تعلق آهي، ٻئين ۽ ٽئين درجي جا سپلائيرز هاڻ فيڪٽرين جي خدمت جي لاءِ بنيادي ڍانچو تيار ڪري رهيا آهن. اسان ان کي هڪ تمام اهم شعبي طور ڏسي رهيا آهيون. سعودي عرب ۾ ٽائر فيڪٽري جي قيام لاءِ سيڙپڪاري فنڊ ۽ پيريلي وچ ۾ معاهدو ٿيو آهي.