چنائي-26 آڪٽوبر(اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي انتظام هيٺ آءِ سي سي منيز ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ اڄ کيڏيو ويندو، جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جون ٽيمون آمهون سامهون هونديون. هي ميچ ميگاايونٽ جو 26 هون ميچ هوندو ۽ ڏينهن جو هڪ لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيندو. پاڪستان جي ٽيم ميگا ايونٽ ۾ پنهنجو بهترين ميچ کيڏيندي، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ ڀارت ۾ جاري آءِ سي سي مينز ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ جو 13هون ايڊيشن جاري آهي جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن کي انتهائي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ميگاايونٽ ۾ اڄ هڪ ميچ کيڏيو ويندو جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جون ٽيمون ايم اي چدمبرم اسٽيڊيم، چنائي ۾ زور آزمائينديون. ميگاو ايونٽ ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جون ٽيمون پنج، پنج ميچ کيڏي چڪين آهن جن ۾ پاڪستان جي ٽيم ٻه ميچ کٽي چڪي آهي، جڏهن ته ڏکڻ آفريقا جي ٽيم به چار ميچ کٽي چڪي آهي ۽ هڪ ۾ شڪست کاڌي هئي. پاڪستان جي ٽيم کي ناليوارو بيٽسمين بابر اعظم ليڊ ڪندو جڏهن ته ڏکڻ آفريقا جي ٽيم مشهور بيٽسمين ٽيمبابووما جي اڳواڻي ۾ ميدان ۾ لهندي. آسٽريلوي ٽيم کي سڀ کان ڌيڪ 5 ڀيرا ٽائيٽل کٽڻ جو اعزاز حاصل آهي. ميگاايونٽ جو فائنل ميچ 19 نومبر تي احمد آباد ۾ کيڏيو ويندو.