بيجنگ -25 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ آمريڪا سان مختلف شعبن ۾ مٽاسٽا ۽ سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ قائم چيني ڪميٽي جي ڪوششن کي ساراهيو. چين جي خابرو اداري مطابق آمريڪا چين لاڳاپن بابت چين جي قومي ڪميٽي جي سالياني گالا ڊنر جي موقعي تي مبارڪن واري خط ۾ هن چيو ته ٻن وڏن ملڪن جي حيثيت سان چين ۽ آمريڪا سان گڏيل بقا جو صحيح طريقيڪار، عالمي امن ۽ ترقي انسانن جي مستقبل سان تعلق رکندڙ آهي. هن چيو ته چين امريڪا سان گڏيل احترام، پرامن بقا جي گڏيل اصولن مطابق گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ، اختلافن کي مناسب طريقي سان سنڀالڻ، عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ، گڏيل ڪاميابين ۽ گڏيل خوشحالي کي حاصل ڪرڻ ٻنهي ملڪن ۽ دنيا کي فائدو پهچائڻ جا خواهشمند آهن. واضح رهي ته آمريڪي صدر جوبائيڊن پڻ چين جي چين آمريڪا لاڳاپان بابت قومي ڪميٽي جي سالانه گالا ڊنر لاءِ مبارڪن جو خط موڪليو آهي.