بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي خوشحالي، روزگار، رابطن ۽ گرين ترقي تي ٻڌل لنگهه ۾ بدلائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بيجنگ ۾ اڄ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه سي پيڪ تي منعقد گول ميز اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ چيني اسڪالرز، تعليمي ادارن ۽ ٿينڪ ٽينڪس جي محقيقن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم پاڪستان جي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه سي پيڪ جي حوالي سان پاڪستان جي علائقائي رابطن ۽ پائيدار ترقي جي فروغ جي ويزن جو اظهار ڪيو. هن گذريل 10 سالن ۾ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سي پيڪ جي مثبت ڪردار تي پڻ روشني وڌي. نگران وزيراعظم سي پيڪ جي پاڪ چين پراڻي دوستي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ اهم ڪردار جي اهميت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪ چين دوستي گڏيل تعاون ۽ احترام تي ٻڌل آهي. گذريل 10 سالن ۾ سي پيڪ تي اڳڀرائي جو جائزو وٺندي نگران وزيراعظم ان حوالي سان ڪاميابين، ان عمل دوران حاصل ٿيل تجربن ۽ اڳتي جي ترقياتي منصوبن جي لاءِ حڪمت عملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان سي پيڪ کي خوشحالي، روزگار، رابطن ۽ گرين ترقي تي ٻڌل لنگهه ۾ بدلائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. نگران وزيراعظم پنهنجي تاثرن ۾ چيني اسڪالرز ۽ محقيقن سي پيڪ کي بي آر آئي تحت پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ بهترين حصيداري قرار ڏنو. هن چيني ڪمپنين پاران پاڪستان جي خصوصي سيڙپڪاري زونز ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي کي خوش آئنده قرار ڏنو جنهن سان سي پيڪ جي ترقي ۽ علائقائي رابطن ۽ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ ممڪن ٿيندو. گول ميز اجلاس جي سمورن شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي ڪوششن سان سي پيڪ نه رڳو علائقائي واپار ۽ رابطن ۾ مرڪزي حيثيت حاصل ڪندو پر اهو ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي گڏيل لاڳاپن کي پڻ فروغ ڏيندو.