جنيوا – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايچ او) خبردار ڪيو آهي ته اسرائيل طرفان اتر غزه کي خالي ڪرڻ جو حڪم گهيراءُ هيٺ پٽي جي اسپتالن ۾ علاج هيٺ انڪيوبيٽرز ۾ موجود ٻارن سميت 2 هزار کان وڌيڪ زخمي فلسطينين لاءِ موت جي سزا ثابت ٿي سگهي ٿي. برطانوي اخبار مطابق اسرائيل 42 ڪلوميٽر ڊگهي علائقي ۾ اترئين آبادي کي حڪم ڏنو آهي ته هو متوقع زميني حملي کان اڳ ڏکڻ ڏانه هليا وڃن، انساني حقن جي اڪثر تنظيمن مطابق اهو قدم جبري منتقلي جي جنگي ڏوهه برابر آهي، ان حڪم سان 20 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي آبادي ۾ خوف ۽ هراس ڦهلجي ويو آهي جيڪا اڳ ۾ ئي اسرائيل جي مڪمل گهيراءُ ۾ ڏکيائين جو شڪار آهي. ڊبليو ايچ او هڪ بيان ۾ چيو ته صحت جي سهولتن تي جتي اڳ ۾ ئي گنجائش کان وڌيڪ دٻاءُ آهي ۽ زخمين جي انگ ۾ اضافي کي برداشت نٿو ڪري سگهجي، اتي 2 هزار کان وڌيڪ خمين کي ڏکڻ غزه منتقل ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ موت جي سزا جي برابر ٿي سگهي ٿو. گڏيل قومون اڳ ۾ ئي خبردار ڪري چڪيون آهن ته پاڻي ختم ٿي چڪو آهي ۽ ٻن ڏينهن اندر اسپتالن ۾ جنريٽر جو تيل پڻ ختم ٿي ويندو.