اسلام آباد -12 آڪٽوبر (اي پي پي ) پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊ ونگ چيو آهي ته بي آر آئي جي تحت معاشي ۽ دفاعي سيڪورٽي بهتر ٿيندي ، پاڪستاني عوام کي معاشي مشڪلاتون درپيش آهن پر اهي ٿوري عرصي لاءِ آهن ،پاڪستان ۾ زراعت ۽ معدنيات ۾ ترقي لاءِ وسيع امڪان موجود آهن .انهن خيالن جو اظهار هن بي آر آئي سيمينار سان خطاب ڪندي ڪيو چيني سفير چيو ته بي آر آئي ملڪن جي وچ ۾ رابطن کي بهتر بنائڻ جو منصوبو آهي پاڪستان سان زراعت آئي ٽي سائنس ٽيڪنالوجي ۽ معدنيات ۾ سهڪار کي هٿي ڏني وييندي چيني سفير چيو ته پاڪستاني عوام کي معاشي مشڪلاتون درپيش آهن پر ٿوري عرصي لاءِ آهن پاڪستان ۾ زراعت ۽ معدنيات ۾ ترقي لاءِ وسيع امڪان موجود آهن پاڪستان کي ان شعبي ۾ پيداوار وڌائڻ ۽ جدت آڻن ۾ مدد ڪنداسين سي پيڪ تحت پائيدار ترقي اهم آهي ڪاروباري ۾ ترقي ۽ واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ سازگار حالتون ۽ دوستاڻيون پاليسيون جو هجڻ ضروري آهي هن چيو ته وزارت منصوبا بندي تمام سٺي پاليسي جوڙي آهي موافق پاليسي ۽ حالتن کي وڌڌائڻ کپي پاڪستان انساني قدرتي وسيلن سان مالا مال ملڪ آهي اسان پاڪستان سان مصنوعات جي درآمد ۾ اضافو چاهيون ٿا پاڪستان پاران چيني ورڪرز کي سيڪورٽي فراهم ڪرڻ تي شڪر گذار آهيون سيڪورٽي صورتحال تبديل ٿيندي رهندي آهي ان ڪري وڌيڪ محتاط رهڻ جي ضرورت آهي .