اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته معاشري ۾ مثبت بحث مباحثي ۽ اختلاف راءِ تي ٻڌل ڳالهه ٻولهه ٻڌڻ جي ماحول کي فروغ ڏيڻو پوندو جنهن ۾ اخبارن جو اهم ڪردار آهي، گهٽ مدي ۾ اسمگلنگ ۽ ڊالر تي سٽي بازي کي روڪڻ جي لاءِ سخت قدم کنيا آهن، پاڪستان ۾ وچ ايشيائي رياستن مان واپار جي اربين ڊالر جي صلاحيت موجود آهي، چين جي ايندڙ دوري ۾ پاڪ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن، ٻطرفي واپار، سي پيڪ ۽ سياحت جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، پاڪستان مظلوم فلسطينين سان انهن جي خودمختياري جي حق ۽ آزاد فلسطيني رياست حاصل ڪرڻ تائين گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم سان ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي وفد صدر ارشاد عارف جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. وفد نگران وزيراعظم کي پاڪستاني اخبارن کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته اخبارن کي درپيش سمورن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي.هن چيو ته رياست جي خلاف منفي پروپئگنڊه جي منظم مهم هلائي وڃي ٿي. معاشري ۾ مثبت بحث مباحثي ۽ اختلاف راءِ تي ٻڌل ڳالهه ٻولهه ٻڌڻ جي ماحول کي فروغ ڏيڻو پوندو جنهن ۾ اخبارن جو اهم ڪردار آهي. نگران وزيراعظم چيو ته سندس آمريڪا جي دوري بابت ڪوڙين خبرن ۽ اجائي تنقيد جي هڪ منظم مهم هلائي وئي. آمريڪا جو دورو مختصر ترين وفد سان گڏ ڪيو. هن چيو ته آمريڪا ۾ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان پاڪستان جي ڪيس کي موثر انداز ۾ پيش ڪيو. الله رب العزت موقعو ڏنو ته موسمياتي تبديلي جي ثقافتي رخ کي قرآن جو حوالو ڏئي دنيا آڏو پيش ڪيو. عالمي مالياتي اداري جي ايم ڊي اسمگلنگ ۽ ڊالر جي غيرقانوني خريد ۽ وڪري کي روڪڻ جي لاءِ حڪومتي قدمن کي ساراهيو. نگران وزيراعظم چيو ته گهٽ مدي ۾اسمگلنگ ۽ ڊالر تي سٽي بازي کي روڪڻ جي لاءِ سخت قدم کنيا. رپئي جي ڊالر جي مقابلي ۾ وڌندڙ قدر ان مهم جي ڪاميابي جو واضح ثبوت آهي. پيٽروليم مصنوعات جي اسمگلنگ سان ملڪي معيشت کي سخت نقصان پهچندو رهيو. نگران وزيراعظم چيو ته بجلي چوري کي روڪڻ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ قدم کنيا پيا وڃن. پاڪستان ۾ وچ ايشيائي رياستن مان واپار جي اربين ڊالر جي صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته پنهنجي پاران پوري ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته ان مختصر مدي ۾ اهڙا قدم کڻون جنهن سان اسان پنهنجي واپار جي ان صلاحيت کي استعمال ۾ آڻي سگهون. چين جي ايندڙ دوري ۾ پاڪ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن، ٻطرفي واپار، سي پيڪ ۽ سياحت جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. نگران وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان ۾ موجود سياحت جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ منصوبا ڳالهين جو حصو هوندا. خساري جي شڪار سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري جو عمل تيز ۽ شفاف بڻائي رهيا آهيون. خساري جي شڪار سرڪاري ادارن جي نجڪاري سان ملڪي خزاني کي ٿيندڙ نقصان گهٽ ٿيندو. هن چيو ته نجي شعبي جي شموليت سان مثبت ڪاروباري چٽاڀيٽي وڌندي ۽ عوام کي بهترين سهولتون ملنديون. هن چيو ته افغاني اسان جا ڀائر آهن، قانوني طور تي رهندڙ افغان پناهگيرن کي ڪير واپس نه موڪلي رهيو آهي. رڳو غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين کي ملڪ بدر ڪيو پيو وڃي. 31 آڪٽوبر کانپوءِ انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. نگران وزيراعظم چيو ته فلسطين ۾ اسرائيل جي تازي جارحيت، ظالم اسرائيل ۽ مظلوم فلسطينين جي جنگ آهي. پاڪستان مظلوم فلسطينين سان گڏ انهن جي خودمختياري جي حق ۽ آزاد فلسطيني رياست حاصل ڪرڻ تائين گڏ بيٺل آهي. ملاقات ۾ سڄي ملڪ مان قومي ۽ علائقائي اخبارن جي ايڊيٽرز شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ اطلاعات واري سيڪريٽري ظهور احمد، پرنسپل انفارميشن آفيسر طارق محمود خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.