اسلام آباد -09 آڪٽوبر (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ آءِ سي سي مينز ورلڊڪپ ٽورنامينٽ جي پهرين ايڊيشن ۾ اڄ اڱاري تي 2 ميچون کيڏيون وينديون. پهرين ميچ دفاعي چيمپيئن انگلينڊ ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ صبح جو ڏهين وڳي کيڏي ويندي، جڏهن ته ٻي ميچ پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ٽيمن وچ ۾ ڏيڍ وڳي منجهند جو کيڏي ويندي.