هانگ زو_ 06 آڪٽوبر(اي پي پي) چين جي شهر هانگ زو ۾ جاري 19 هين ايشين گيمز ۾ مينز فٽ بال جي فائنل ميچ ۾ ڏکڻ ڪوريا ۽ جاپان جي ٽيمن وچ ۾(اڄ) ڇنڇر 07 آڪٽوبر تي مقابلو ٿيندو، ان کان اڳ کيڏيل سيمي فائنل ميچ ۾ ڏکڻ ڪوريا ازبڪستان جي ٽيم کي سخت مقابلي کان پوءِ شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو هو ۽ جاپان جي ٽيم هانگ ڪانگ جي ٽيم کي هڪ جي مقابلي ۾ چئن گولن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي.