هانگ زو – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي شهر هانگ زو ۾ جاري 19 هين ايشين گيمز ۾ هاڪي جي مردن جي ايونٽ جو فائنل ڀارت ۽ جاپان جي ٽيمن وچ ۾ (اڄ) جمعي تي کيڏيو ويندو. ايشين گيمز هاڪي جي ماقبلن ۾ 12 ٽيمون شرڪت ڪري رهيون آهن. ٽيمن کي ٻن پول ۾ ورهايو ويو آهي. پاڪستان سميت ڀارت، جاپان، بنگلاديش، سنگاپور ۽ ازبڪستان جون ٽيمون پول اي ۾ شامل آهن جڏهن ته ملائيشيا، چائنا، اومان، ٿائيلينڊ جون ٽيمون پول بي ۾ شامل آهن.