اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان انساني حقن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان خاص معاون مشعال حسين ملڪ ملاقات ڪئي آهي. ان موقعي تي پرڏيهي وزارت ۽ انساني حقن واري وزارت جي وچ ۾ حصيداري ۾ اضافي ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس سميت عالمي سطح تي پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري پڌرائي موجب نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ نگران وزيراعظم جي خاص معاون غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هزارين سياسي ڪارڪنن، صحافين ۽ انساني حقن جو دفاع ڪندڙ ڪارڪنن جي گرفتارين تي پڻ غور ڪيو. هنن ڀارتي عملدارن پاران ڪشميري اڳواڻن مان سڀ کان اهم ياسين ملڪ جي موت جي سزا جي تازي اپيل تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن کي گذريل سال عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي. هن ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سياسي قيدين جي آزادي جي فوري ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ڀارتي عملدار واديءَ ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ڪري رهيا آهن جن ۾ 5 آگسٽ 2019ع جا ڀارت جا غيرقانوني ۽ انفرادي قدم به شامل آهن. هنن ڄمون ۽ ڪشمير ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ڀارت غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري عوام کي پنهنجي خودمختياري جي حق کان محروم رکي رهيو آهي.