اسلام آباد _ 21 آگسٽ (اي پي پي ) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي پي ٽي آءِ جي باني جي مڪمل طبي معائني ۽ سڃاڻپ مرحلي دوران سندس ڀيڻ عظمى خان موجود رهندي، ڊاڪٽرن تي ٻڌل ميڊيڪل بورڊ معائني بعد باني جي طبي حالت مستحڪم قرار ڏني آهي. سماجي رابطن واري ويب سائٽ ايڪس تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته شفا انٽر …
پي ٽي آءِ جي باني جي طبي معائني ۽ بيماري جي سڃاڻپ جي مرحلي دوران سندس ڀيڻ موجود رهندي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد _ 21 آگسٽ (اي پي پي ) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي پي ٽي آءِ جي باني جي مڪمل طبي معائني ۽ سڃاڻپ مرحلي دوران سندس ڀيڻ عظمى خان موجود رهندي، ڊاڪٽرن تي ٻڌل ميڊيڪل بورڊ معائني بعد باني جي طبي حالت مستحڪم قرار ڏني آهي. سماجي رابطن واري ويب سائٽ ايڪس تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته شفا انٽر نيشنل اسپتال جي ٻاهران غير معمولي رش ۽ سيڪيورٽي صورتحال سبب باني پي ٽي آءِ کي پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ماهرن جي نگراني ۾ هن جو تفصيلي طبي معائنو ۽ علاج ڪيو ويو، سمورو ضروري طبي مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ باني جي صحت جي صورتحال بلڪل واضح آهي. هن چيو ته صحت جهڙي حساس معاملي کي سياسي تڪرار يا غير ضروري سنسني جو رنگ نه ڏنو وڃي . معاملي تي حقيقتن کي سامهون رکندي سموريون ڌريون ذميواري جو مظاهرو ڪن.











