اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ دهشتگردي جي متاثرن جي ياد ۽ انهن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو عالمي ڏينهن جمعو 21 آگسٽ تي ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيد ٿي ويلن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ دهشتگردي سبب متاثر ٿيل ڪٽنبن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آهي.ان ڏينهن جي موقعي تي دهشتگردي سبب متاثر ٿيلن …
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ دهشتگردي جي متاثرن جي ياد ۽ انهن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ دهشتگردي جي متاثرن جي ياد ۽ انهن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو عالمي ڏينهن جمعو 21 آگسٽ تي ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيد ٿي ويلن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ دهشتگردي سبب متاثر ٿيل ڪٽنبن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آهي.ان ڏينهن جي موقعي تي دهشتگردي سبب متاثر ٿيلن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ زنده بچي ويلن جي حمايت ۽ انهن جي حقن جي تحفظ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو ويو. واضع رهي ته گڏيل قومن سال 2017 ع ۾ ان ڏينهن کي ملهائن جو فيصلو ڪيو ته جيئن دهشتگردي سبب متاثر ٿيلن ۽ بچي ويلن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي حقن جي تحفظ ۽ عالمي سطح تي يڪجهتي کي هٿي وٺائي سگهجي. هلندڙ سال اهو ڏينهن ” ياداشت ذريعي شفايابي“ جي موضوع هيٺ ملهايو ويو. انهن ڏينهن جي مناسبت سان سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي انتظام هيٺ مختلف پروگرام منقعد ڪيا ويا جڏهن ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي پڻ خاص مواد شايع ۽ پروگرم نشر ڪيا ويا.










