اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي سيڙپڪاري مان حاصل ٿيل منافعي جي پرڏيهي ملڪ منتقلي ۾ جولاءِ 2026ع دوران 11.38 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي آهي. اسٽيٽ بنئڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) جي انگن اکرن موجب مالي سال جي شروعاتي مهيني جولا 2026ع دوران منافعي جي پرڏيهي ملڪ منتقلي 261.4 ملين ڊالرن تائين گهٽ ٿي وئي جڏهن ته گذريل مالي سال ۾ جولاءِ 2025ع دوران 295 ملين ڊالر ماليت …
پرڏيهي سيڙپڪاري مان حاصل ٿيل منافعي جي پرڏيهي ملڪ منتقلي ۾ جولاءِ دوران 11.38 سيڪڙو گهٽتائي ٿي: اسٽيٽ بئنڪ

مزید خبریں
اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي سيڙپڪاري مان حاصل ٿيل منافعي جي پرڏيهي ملڪ منتقلي ۾ جولاءِ 2026ع دوران 11.38 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي آهي. اسٽيٽ بنئڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) جي انگن اکرن موجب مالي سال جي شروعاتي مهيني جولا 2026ع دوران منافعي جي پرڏيهي ملڪ منتقلي 261.4 ملين ڊالرن تائين گهٽ ٿي وئي جڏهن ته گذريل مالي سال ۾ جولاءِ 2025ع دوران 295 ملين ڊالر ماليت جا منافعا پرڏيهي ملڪ منتقل ڪيا ويا هئا. اهڙي طرح گذريل مالي سال 2026ع جي ڀيٽ ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي مهيني جولاءِ دوران ملڪ ۾ ڪيل پرڏيهي سيڙپڪاري مان حاصل ٿيل منافعي جي پرڏيهي ملڪ منتقلي ۾ 33.6 ملين ڊالرر يعني 11 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ مالي سال جولاءِ دوران متحده عرب امارات ڏانهن منافعي جي منتقلي ۾ 66 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. واضح رهي ته جولاءِ 2025ع دوران منافعي جي مد ۾ گڏيل عرب امارات ڏانهن 43.5 ملين ڊالرن جو منافعو منتقل ڪيو ويو هو جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي شروعات تي پهرين مهيني جولاءِ 2026ع ۾ گڏيل عرب امارتن ڏانهن منافعي جي منتقلي گهٽجي 14.7 ملين ڊالر رهجي وئي. اهڙي طرح جولاءِ 2025ع جي ڀيٽ ۾ جولاءِ 2026ع دوران گڏيل عرب امارتن ڏانهن منافعي جي منتقلي ۾ 66.20 سيڪڙو يعني 28.8 ملين ڊالرن جي نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.










