اسلام آباد - 21 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي رت ۽ وسيلن جُون مسلسل بي مثال قربانيون پيش ڪري رهيو آهي، پاڪستان دهشتگردي جي هر شڪل ۽ هر قسم جي خلاف جنگ وڙهڻ جي پنهنجي عزم ۾ اڻٿڪ ۽ پنهنجي وابستگي ۾ ثابت قدم آهي. جمعي ڏينهن دهشتگردي جي متاثرين جي ياد ۽ انهن کي خراج عقيدت …
پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي رت ۽ وسيلن جُون مسلسل بي مثال قربانيون پيش ڪري رهيو آهي: پرڏيهي آفيس

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي رت ۽ وسيلن جُون مسلسل بي مثال قربانيون پيش ڪري رهيو آهي، پاڪستان دهشتگردي جي هر شڪل ۽ هر قسم جي خلاف جنگ وڙهڻ جي پنهنجي عزم ۾ اڻٿڪ ۽ پنهنجي وابستگي ۾ ثابت قدم آهي. جمعي ڏينهن دهشتگردي جي متاثرين جي ياد ۽ انهن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان سڄي دنيا جي قومن سان گڏجي دهشتگردي جي متاثرين جي ياد ۽ انهن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيو آهي. هن چيو ته هي ڏينهن رڳو هڪ رسمي تقريب جو ڏينهن نه آهي پر دهشتگردي جي خلاف جدوجهد ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙن ۽ متاثرين جي خاندانن پاران ادا ڪئي ويندڙ وڏي قيمت کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ ان جو حقيقت پسنداڻو جائزو وٺڻ جو موقعو پڻ آهي. ترجمان چيو ته هي ڏينهن اسان کي ان عالمي چئلينج جي خلاف مسلسل چوڪس رهڻ ۽ پُرعزم جدوجهد جي پنهنجي اڻٿڪ عزم تي غور ڪرڻ ۽ ان کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي رت ۽ وسيلن جي مسلسل بي مثال قربانيون پيش ڪري رهيو آهي ۽ اها جدوجهد رڳو پنهنجي عوام ئي نه پر خطي ۽ ان کان ٻاهر به امن ۽ سلامتي جي لاءِ آهي. ترجمان چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 90 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني پنهنجي جانين تان هٿ ڌوئي ويٺا آهن جڏهن ته ملڪ کي 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي معاشي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو آهي. هن چيو ته دهشتگردي هاڻي ڪيترن رخن تي ٻڌل خطرو بڻجي چڪي آهي جتي دهشتگرد وڌيڪ مُشڪل ۽ خطرناڪ حملن جي لاءِ پنهنجي پهچ وڌائڻ جي لاءِ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز ۽ سائبر اسپيس جو استعمال ڪري رهيا آهن. ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي گمراهه ڪندڙ ۽ ڪوڙي معلومات تي ٻڌل مهم، هائيڊرو ٽيررازم ۽ علاقائي ٽارگيٽ ڪلنگ جي مهم پڻ درپيش آهي. هن چيو ته سال 2025ع پاڪستان جي لاءِ گذريل هڪ ڏهاڪي دوران رتوڇاڻ وارن سالن ۾ شامل رهيو آهي، وڌندڙ جاني نقصان جي پٺيان تشدد جو هڪ واقف ۽ انتهائي سنگين نمونو آهي جنهن جي منصوبابندي، مالي مدد ۽ هدايتون سرحد پار موجود محفوظ ٺڪاڻن تان ڪيون وڃن ٿيون جڏهن ته اڪثر پاڙيسري ملڪن جا دشمن عنصر به ان ۾ مدد ڪن ٿا. ترجمان چيو ته انهن ڪاررواين ۾ نمازين، ٻارن، عورتن ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن کي بنا ڪنهن فرق جي نشانو بڻايو وڃي ٿو. هن چيو ته انهن چئلينجز جي باوجود پاڪستان دهشتگردي جي هر شڪل ۽ هر مظهر جي خلاف جنگ وڙهڻ جي پنهنجي عزم ۾ اڻٿڪ ۽ پنهنجي وابستگي ۾ ثابت قدم آهي، هن ڏينهن اسان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان پڻ يڪجهتي جو اظهار ۽ انهن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جيڪي مسلسل منظم رياستي ڏاڍ کي منهن ڏئي رهيا آهن. ترجمان چيو ته ان ڏاڍ ۾ سخت گير قانونن، جبري گمشدگين ۽ گرفتاريون شامل آهن جڏهن ته رياستي سرپرستي ۾ جاري اها مهم دهشتگردي جي هر تعريف تي پورو لهي ٿي. هن چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل ڏاڍ ۽ ان جي بنيادي انساني حقن جي مسلسل ۽ کليل خلاف ورزين جي باوجود والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام گڏيل قومن پاران تسليم ٿيل خودمختياري جي حق جي پنهنجي مطالبي تي ثابت قدم آهي. هن چيو ته فلسطين جي عوام به اسان جي سوچ ۽ دعائن ۾ شامل آهي، جنگبندي ۽ سفارتي ڪوششن جي نتيجي ۾ جيتوڻيڪ ڪجهه انساني امداد جي گنجائش پيدا ٿي آهي تنهن هوندي به فلسطيني عوام خاص طور تي ٻار، عورتون ۽ بزرگ بدستور ناقابل بيان انساني حقن جي پائمالين ۽ خودمختياري جي حق کان محرومي جو شڪار آهن، ان ڏس ۾ ماضي جا عالمي تجربا اڄ به اسان جي لاءِ اهم سبق رکن ٿا. ترجمان چيو ته غيرملڪي قبضو، حل طلب تڪرارن ۽ خودمختياري جي حق کان محرومي کي انتهاپسند ۽ دهشتگرد عنصر پنهنجي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪن ٿا جنهن جي تدارڪ جي لاءِ فوري قدم لازمي آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته دهشتگردي جي متاثرين کي خراج عقيدت پيش ڪندي اسان عالمي برادري تي زور ڀريون ٿا ته سڄي دنيا ۾ دهشتگردي جي متاثرين ۽ ان کان بچي ويندڙ ماڻهن جي بنا ڪنهن فرق جي حمايت ڪئي وڃي. ان سان گڏوگڏ عالمي تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي معروضي، غيرجانبدار، مستقل ۽ منصفاڻي انداز ۾ ڪنهن ٻٽي معيار کانسواءِ وڌيڪ فروغ ڏنو وڃي ته جيئن اسان جي ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ وڌيڪ پرامن دنيا کي يقيني بڻائي سگهجي.










