اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل(ايس آءِ ايف سي) جي قيام کان وٺي هن وقت تائين پاڪستان کي اٽڪل 6.24 ارب ڊالرن جي نج سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ملي آهي. جمعي ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ ايس آءِ ايف سي پاران آگاهه ڪيو ويو ته ايس آءِ ايف سي کاڻيون کوٽڻ ۽ معدنيات، توانائي. زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مواصلات، بنيادي ڍانچي، …
ايس آءِ ايف سي جي قائم ٿيڻ کان هن وقت تائين پاڪستان کي 6.24 ارب ڊالرن جي نج پرڏيهي سيڙپڪاري ملي آهي: ڪائونسل جو سينيٽ ۾ بيان

مزید خبریں
اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل(ايس آءِ ايف سي) جي قيام کان وٺي هن وقت تائين پاڪستان کي اٽڪل 6.24 ارب ڊالرن جي نج سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ملي آهي. جمعي ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ ايس آءِ ايف سي پاران آگاهه ڪيو ويو ته ايس آءِ ايف سي کاڻيون کوٽڻ ۽ معدنيات، توانائي. زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مواصلات، بنيادي ڍانچي، صنعت، مالياتي خدمتن ۽ نجڪاري سان لاڳاپيل موقعن سميت ترجيحي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي تجويزن تي قدم ۽ سهولتون فراهم ڪيون. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب ان عرصي دوران سڌيءَ ريت سيڙپڪاري جي گڏيل آمد اٽڪل 10.41 ارب ڊالرز رهي. ايس آءِ ايف سي رڪاوٽون ختم ڪرڻ، منظورين ۾ سهولت فراهم ڪرڻ، گڏيل رابطا بهتر بڻائڻ ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول جي حوالي سان لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ڌرين سان لڳاتار رابطا قائم رکيا آهن ته جيئن سيڙپڪاري جي تجويزن کي عملي سيڙپڪاري ۾ تبديل ڪرڻ جي شرح وڌ کان وڌ ٿي سگهجي.










