لاهور-21 آگست (اي پي پي) شديد برساتن سبب پنجاب جي دريائن ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. سنڌو درياهه ۾ ڪالاباغ وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ جي صورتحال آهي. پي ڊي ايم اي جي ترجمان موجب ڪالا باغ ۾ پاڻي جي آمد 4 لک 25 هزار ۽ هيٺاهون وهڪرو 4 لک 16 هزار ڪيوسڪ آهي. سنڌو درياهه ۾ تربيلا ، چشمه ۽ تونسه وٽ هيٺانهين درجي جي …
شديد برساتن سبب پنجاب جي دريائن ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ اضافو رڪارڊ ٿيو آهي: پي ڊي ايم اي

مزید خبریں
لاهور-21 آگست (اي پي پي) شديد برساتن سبب پنجاب جي دريائن ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. سنڌو درياهه ۾ ڪالاباغ وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ جي صورتحال آهي. پي ڊي ايم اي جي ترجمان موجب ڪالا باغ ۾ پاڻي جي آمد 4 لک 25 هزار ۽ هيٺاهون وهڪرو 4 لک 16 هزار ڪيوسڪ آهي. سنڌو درياهه ۾ تربيلا ، چشمه ۽ تونسه وٽ هيٺانهين درجي جي ٻوڏ آهي. ترجمان موجب تربيلا ڊيم 100 سيڪڙو ۽ منگلا ڊيم 72 سيڪڙو ڀرجي ويو آهي. برساتن جو ڇهون اسپيل 21 آگست تائين جاري رهندو. شهرين کي گذارش آهي ته هوءَ موسم ۽ ٻوڏ جي صورتحال سبب احتياطي تدبيرون اختيار ڪن.










