سينٽ جو اجلاس سومر ڏينهن 4 وڳي تائين ملتوي

اسلام آباد _ 21 آگسٽ (اي پي پي) سينٽ جو اجلاس سومر ڏينهن منجهد چار وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو . جمعي ڏينهن تي صدر نشين  سينٽر منظور ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ سينيٽ اجلاس شروع ٿيو  . قرآن جي تلاوت ۽ نعت رسول مقبول صلي الله عليه وسلم بعد سوالن جي وقفي دوران سينٽر مشال يوسفزئي  اعتراض جي نقطن  تي ڳالهائڻ چاهيو ان دوران صدر نشين کيس سوالن جي وقفي …

اسلام آباد _ 21 آگسٽ (اي پي پي) سينٽ جو اجلاس سومر ڏينهن منجهد چار وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو . جمعي ڏينهن تي صدر نشين  سينٽر منظور ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ سينيٽ اجلاس شروع ٿيو  . قرآن جي تلاوت ۽ نعت رسول مقبول صلي الله عليه وسلم بعد سوالن جي وقفي دوران سينٽر مشال يوسفزئي  اعتراض جي نقطن  تي ڳالهائڻ چاهيو ان دوران صدر نشين کيس سوالن جي وقفي تي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي پر هن ڪورم جي نشاندهي ڪري ڇڏي، جنهن تي صدرنشين ڳڻپ جي هدايت ڪئي . صدر نشين  منظور ڪاڪڙ ڪورم پورو نه هجڻ تي سينيٽ جو اجلاس سومر ڏينهن چار وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

مزید خبریں