حيدرآباد-21 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي هوشيار ۽ ضروتمند شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ پروفيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن (پي اي ايف) ۽ پاڪستان بيت المال پاران مجموعي طور 40 لک 24 هزار 30 رپين جا اسڪالرشپ چيڪ ورهايا ويا، ان سلسلي ۾ يونيورسٽي ايڊوانسمينٽ اينڊ فنانشل اسسٽنس جي ميزباني هيٺ سينيٽ هال ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن جي صدارت وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال …
زرعي يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ اسڪالرشپس جا چيڪ ورهايا ويا

مزید خبریں
حيدرآباد-21 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي هوشيار ۽ ضروتمند شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ پروفيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن (پي اي ايف) ۽ پاڪستان بيت المال پاران مجموعي طور 40 لک 24 هزار 30 رپين جا اسڪالرشپ چيڪ ورهايا ويا، ان سلسلي ۾ يونيورسٽي ايڊوانسمينٽ اينڊ فنانشل اسسٽنس جي ميزباني هيٺ سينيٽ هال ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن جي صدارت وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال ڪئي. تقريب دوران وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال پي اي ايف اسڪالرشپ تحت 50 ضرورتمند شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ مجموعي طور 38 لک 75 هزار رپين جا چيڪ، جڏهن ته پاڪستان بيت المال جي فائدو وٺندڙ شاگردن ۾ هڪ لک 49 هزار 30 رپين جا اسڪالرشپ چيڪ ورهايا، تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي مستحق ۽ هوشيار شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جا موقعا وڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، جيئن مالي مسئلا سندن تعليمي راهه ۾ رڪاوٽ نه بڻجن، هن چيو ته يونيورسٽي پنهنجي اينڊومينٽ فنڊ مان پڻ جلد اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي، جنهن سان وڌيڪ مستحق شاگردن کي فائدو حاصل ٿيندو، رجسٽرار غلام محي الدين قريشي چيو ته يونيورسٽي ۾ شاگردن سان لاڳاپيل سهولتن، اسڪالرشپس، داخلا ۽ ٻين معاملن کي تيزيءَ سان ڊجيٽل ۽ آن لائن ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته شاگردن لاءِ جاب فيئر ڪلچر کي پڻ هٿي ڏني پئي وڃي. هن چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي پنهنجي شاگردن جي تعليمي ۽ پيشوراڻي ترقي لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪري رهي آهي، تقريب ۾ ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف فوڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڊاڪٽر اعجاز حسين سومرو ۽ ٻيا يونيورسٽي عملدار، استاد ۽ شاگرد پڻ موجود هئا.











