گڏيل قومن جي قيادت لاءِ 5 عورتون ۽ 3 مرد اميدوار ميدان ۾ لٿل

گڏيل قومون-21 آگسٽ (اي پي پي) دنيا هن وقت غير معمولي عالمي ڇڪتاڻ، جنگين ۽ پاڻ گڏيل قومن کي درپيش شديد مالي بحران جهڙن چئلينجز جي ور چڙهيل آهي اهڙي ۾ سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي ملازمت جي مدي جي پڄاڻي کانپوءِ اداري جي قيادت سنڀالڻ لاءِ پنج عورتون ۽ 3 مرد اميدوار ميدان ۾ آهن جو تعلق مختلف ملڪن سان آهي. مبصرن موجب ان مرحلي تي ڪنهن هڪ اميدوار …

گڏيل قومون-21 آگسٽ (اي پي پي) دنيا هن وقت غير معمولي عالمي ڇڪتاڻ، جنگين ۽ پاڻ گڏيل قومن کي درپيش شديد مالي بحران جهڙن چئلينجز جي ور چڙهيل آهي اهڙي ۾ سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي ملازمت جي مدي جي پڄاڻي کانپوءِ اداري جي قيادت سنڀالڻ لاءِ پنج عورتون ۽ 3 مرد اميدوار ميدان ۾ آهن جو تعلق مختلف ملڪن سان آهي. مبصرن موجب ان مرحلي تي ڪنهن هڪ اميدوار کي واضح طور تي فيورٽ قرار ڏيڻ مشڪل آهي ڇاڪاڻ ته عالمي طاقتن وچ ۾ اتفاق راءِ موجود ناهي. پرڏيهي ميڊيا موجب پهرين غير رسمي راءِ شماري ۾ ڪوسٽاريڪا جي ربيڪا گرين اسپن سڀني کان اڳيان آهي، ٻين اميدوارن ۾ ارجنٽائن جو رافيل گروسي (عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جو سربراهه)، چلي جي مشيل بيشيليٽ، ايڪوارڊ جي ماريا فرنانڊا ايسپنيوسا، گيانا جي ڪيرولين روڊريگز برڪيٽ، اڪواڊور جي ايوون اي باڪي، يوگنڊا جو اولارا  اوتو جو ۽ سينيگال جو ماڪي سال شامل آهن. گڏيل قومن جي 15 رڪني سلامتي ڪائونسل ۾ ڪنهن اميدوار کي گهٽ ۾ گهٽ 9 ووٽ گهربل هوندا، جڏهن ته ان کي مستقل ميمبرن آمريڪا، برطانيه، چين، فرانس ۽ روس مان ڪنهن هڪ جي ويٽو کان به بچڻو پوندو. سلامتي ڪائونسل جي سفارش کانپوءِ جنرل اسيمبلي  نئين سيڪريٽري جنرل جي منظوري ڏيندي آهي.

مزید خبریں