قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جو سيڪريٽري طلب

اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت بابت سوال تي لاڳاپيل وزير ۽ پارلياماني سيڪريٽري جي غير حاضري جو نوٽيس وٺندي قومي اسيمبلي جي سپيڪر  وزارت جي سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتو، جڏهن ته پارلياماني معاملن واري وزير چيو ته هو وزيرن جي اهڙي طرز عمل کي وزيراعظم جي نوٽيس ۾ آڻيندو ۽ انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي …

اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت بابت سوال تي لاڳاپيل وزير ۽ پارلياماني سيڪريٽري جي غير حاضري جو نوٽيس وٺندي قومي اسيمبلي جي سپيڪر  وزارت جي سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتو، جڏهن ته پارلياماني معاملن واري وزير چيو ته هو وزيرن جي اهڙي طرز عمل کي وزيراعظم جي نوٽيس ۾ آڻيندو ۽ انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ آسيه ناز تنولي جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت بابت سوال تي وزير جي غير حاضري، ڪنهن ٻي وزير کي بزنس کان آگاهه نه ڪرڻ تي نوٽيس وٺندي اسپيڪر ايوان ۾ موجود وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري کي موڪلي وزارت جي سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتو. هن چيو ته هو شام تائين هتي اچي. اسپيڪر پارلياماني معاملن واري وزير کي چيو ته گذريل ڏينهن به مختلف وزارتن جي سوالن جا جوب نه آيا هئا، جنهن تي سيڪريٽري کي به طلب ڪيو ويو، هتي سوالن جا جواب ڏيڻ ڪابينا جي گڏيل ذميواري آهي. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته وزيرن کي هڪ هڪ ڪري ايوان ۾ بزنس جي باري ۾ ٻڌايو ويندو آهي، ان جي باوجود وزيرن جو غير ذميواراڻو رويو آهي. وزيراعظم کي درخواست ڪئي ويندي ته هو اهڙي غير ذميواري واري رويي تي ڪارروائي ڪري. اجلاس شروع ٿيڻ کان 5 منٽ اڳ ايوان کي بزنس کان آگاهه ڪيو ويندو آهي جڏهن ته اڄ اسان کي لاڳاپيل وزارتن پاران آگاهه نه ڪيو ويو. اسپيڪر انهن کي هدايت ڪئي ته اهي لکت ۾ ان بابت آگاهه ڪن.

مزید خبریں